پاڪستان جي انٽيلي جنس شيئرنگ ڪندڙ اداري ”انٽيلي جنس بيورو“ آءِ بي متعلقه عهديدارن کي ميريئٽ هوٽل تي ٿيندڙ خطرناڪ حملي باري انهيءَ ڏينهن جي صبح ٻڌائي ڇڏيو هو پر قانون لاگو ڪندڙ اداره شام کانپوءِ به هوشيار نه ٿيا. وزير اعظم ۽ وڏ وزارت جي ماتحت ڪم ڪندڙ ايجنسي اهڙو حملو روڪڻ لاءِ وڏي ڪاروائي جي سفارش ڪئي هئي پر هن کانپوءِ به اهو سانحو ٿيو ۽ پاڪستان جي وفاقي گادي واري هنڌ جي حڪومت اها تباهي ڏٺي.
اها ڳالهه هن رپورٽ ۾ واضع ڪئي وئي جيڪا بين الاقوامي سطح تي دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ انٽيلي جنس ثبوت گڏ ڪندڙ وڏي ايجنسي کي ملي آهي. هن واقعي جي حوالي سان رپورٽ ۾ هن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جو پاڪستان ايجنسي کي جديد اسلحي سان مسلح ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي خامي ظاهر نه ٿي سگهي. خاص ذريعن دي نيوز کي ٻڌايو آهي ته رپورٽ ۾ هن واردات جي ذميواري لاءِ الاهي آپشنز تي بحث ڪئي وئي. هن رپورٽ ۾ جاچ لاءِ مدد ڏيڻ لاءِ عالمي مدد جي آڇ کي رد ڪندي حڪومتي فيصلي تي عمل ڪيو ويو آهي.
آمريڪا حڪومت پاڪستان کي چوندو ته هو پنهنجي جاچ جا نتيجا آمريڪا سان شيئر ڪري ڇاڪاڻ ته هن ۾ آمريڪا جا شهري به مارجي ويا آهن. واشنگٽن انتظام باري تفتيش ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو جيڪي مستقبل ۾ اهڙي واقعن جي روڪٿام لاءِ پاڪستاني حڪومت ڪري رهي آهي. آمريڪي حڪومت فورينزڪ ٽيسٽ، ڪيميائي ٽيسٽ خاص طور تي ٽيڪنالاجي تجزيي جي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي.
ٿي سگهي ٿو ته وزير اعظم جو گهرو مشير رحمان ملڪ هنن ملڪن جي سفارتڪارن کي جلدي اعتماد ۾ وٺي سگهندو جن جا شهري هن حملي ۾ مارجي ويا آهن، هن نيم سرڪاري اداري طرفان تيار ڪيل هن رپورٽ ۾ نظام جون ڪجهه خاميون جن کي صحيح ڪندڙ طريقن تي بحث ڪئي وئي آهي. هن رپورٽ ۾ آءِ بي جي صدر شعيب سڊل کي اهل ۽ هڪ اهڙو پيشه ور آفيسر چيو ويو آهي جيڪو اهڙي قسم جي مامرن ۾ مضبوط پيش رفت ڪرڻ جو اهل آهي.