کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > چار ڪور ڪمانڊر تبديل ڪيا ويا

چار ڪور ڪمانڊر تبديل ڪيا ويا

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2008

پاڪستاني فوج جي 7 ميجر جرنيلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏئي ڪري اعلي تقرريون ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب ترقي حاصل ڪندڙن ۾ ميجر جنرل طاهر محمود انفنٽري، ميجر جنرل تنوير اي ايم اي، ميجر جنرل شاهد اقبال انفنٽري، ميجر جنرل زاهد حسين آرٽلري، ميجر جنرل مصطفي خان آرمڊ ڪور، ميجر جنرل شجاع باشا انفنٽري، ميجر جنرل اياز اسلم رانا آرمڊڪور شامل آهن.

 

خانگي ٽي وي موجب ليفٽيننٽ جنرل احمد شجاع پاشا کي ڊائيريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ، ليفٽيننٽ جنرل محسن ڪمال ملٽري سيڪيٽري جي ايڇ ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل مصطفي خان چيف آف جنرل اسٽاف، ليفٽيننٽ جنرل زاحد حسين ايڊجوٽنٽ جنرل، ليفٽيننٽ جنرل تنوير طاهر آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي، ليفٽيننٽ جنرل رضا خان کي ڊائيريڪٽر جنرل جائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز، ليفٽيننٽ جنرل اياز سليم رانا هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو چيئرمين، ليفٽيننٽ جنرل احسن اظهر حيات آءِ جي ٽريننگ اينڊ ايوالوايشن، ليفٽيننٽ جنرل جاويد ضياء ڪوارٽر ماسٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل يوسف کي 31 ڪور ڪمانڊر بهاولپور ۽ ليفٽيننٽ جنرل نديم تاج کي 30 ڪور گوجرانواله جو ڪور ڪمانڊر ٺاهيو ويو.

 

اشفاق پرويز ڪياني جي چيف آف آرمي اسٽاف ٿيڻ کانپوءِ پهرين دفعي اهم تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي مقرر ڪيل ڊي جي آءِ ايس آءِ کي وقت کان اڳ تبديل ڪيو ويو آهي. عسڪري ذريعن موجب ميجر جنرل محمد جاويد کي ملٽري آپريشن جو نئون ڊائيريڪٽر جنرل جو عهدو ڏنو ويو آهي ۽ سندس تقرري ميجر جنرل شجاع احمد پاشا جي جاءِ تي ڪئي وئي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com