ميانوالي مظفر گڙهه روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر بس جي ٽڪر سان سٺ ماڻهون مري ويا. پرائيويٽ ٽي وي موجب اي سي بس نمبر 7877 ڪراچي کان مانسهره وڃي رهي هئي، ميانوالي روڊ تي چوڪ سرور شهيد جي ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪر کانپوءِ بس ۾ باهه لڳي وئي. پٽرولنگ پوليس موجب بس ۾ 72 مسافر هئا چاليهه کان وڌيڪ مسافرن جا مڙهه بُري طرح سڙي ويا آهن. ٽينڪر چاليهه هزار ليٽر آئل کڻي اٽڪ ريفائنري وڃي رهيو هو. ڪوچ جي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر سميت ڇهه ماڻهن گاڏي مان ٽپ ڏئي جان بچائي ورتي. واقعي کانپوءِ ويجهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاگو ڪئي وئي.
زخمين جي حالت نازڪ آهي جنهن سان مرندڙ ماڻهن جو انگ وڌي سگهي ٿو. ذريعن موجب باهه لڳڻ سان ۽ رات جي اونداهه ڪارڻ امدادي ڪارواين ۾ ڏکيايون ٿي رهيون آهن. واقعي کانپوءِ شهر جي انتظاميه جي اهلڪار ۽ ريسڪيو عملو پهچي ويو. فائر بريگيڊ باهه کي ڪنٽرول ڪري ورتو، مسافر عيد ملهائڻ لاءِ گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا، ويجهي علائقن مان ماڻهن جو وڏو انگ موقعي تي پهچي ويو ۽ امدادي ڪارواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. صدر، وزير اعظم، گورنر سلمان تاثير، پنجاب جو وڏو وزير ۽ ٻين اڳواڻن هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.