کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ٽڪراءُ ضرور ٿيندو

پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ٽڪراءُ ضرور ٿيندو

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2008

پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اختلاف وڏندا ۽ قبائلي علائقن تي آمريڪي حملن کي ڪو به روڪي نه سگهندو. هي ڳالهيون 3 آمريڪي دانشورن پاڪستاني آمريڪن ڪانگريس طرفان ڪرايل هڪ سيمينار ۾ چيون. هن جو انتظام تنظيم جي صدر خواجه اشرف صاحب جي زور رکڻ تي ڊاڪٽر نثار چوڌري جي ذريعن جي تعاون سان ڪيو ويو.

 

3 دانشورن کي پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ٽڪراءُ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي پر پاڪ افغان بارڊر تي وڌندڙ دهشتگردي جا مختلف خيال آهن. هن ڳالهه تي به ٽنهيءَ ترجمانن گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ته افغان بارڊر جو مسئلو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ هي علائقي جي سموري ملڪ ۽ سلامتي ڪائونسل جي پنج ممبرن جي شموليت سان حل ٿيڻ گهرجن. هن ڳالهه ۾ ڏاهپ هئي جو طويل عرصي لاءِ ۽ فوجي ڪاروائي مسئلي جو حل نه ٿي ڪڍي سگهي ۽ معاشي ترقي تي زور ڏيڻو پوندو پر وڏو مسئلو سيڪورٽي جو آهي جنهن کي بغير فوجي طاقت جي استعمال جي حل نه ڪري سگهجي پيو.

 

جان هاپڪن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر والٽر اينڊرسن جو چوڻ هو ته جلدي آمريڪا ويهه کان پنجويهه هزار وڌيڪ فوجي افغانستان اُماڻيندو. جيڪڏهن اهڙي ويڙهه واري جاءِ تي وڌيڪ فوجي موڪليا ويندا ته هنن جو جاني نقصان به وڌي سگهي ٿو جيڪو آمريڪي فوجين باري به حقيقت هوندو. جڏهن آمريڪي فوج جو جاني نقصان وڌندو ته آمريڪي صدر ۽ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن تي حملي لاءِ دٻاءُ به وڌندا. هن وقت جيڪو به صدر هوندو (اوباما يا مڪين) هو لازمي دٻاءُ هيٺ طالبان جي پاڪستاني ٺڪاڻن تي حملو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندو.

 

سندس چوڻ هو ته 3 ملڪ افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو درد ڀوڳي رهيا آهن ان ڪري هن علائقي جي سموري طاقتن کي متحد ٿئي ڪري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پر کيس يقين نه هيو جو آمريڪا ۽ پاڪستان ٽڪراءُ ۾ هي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو يا نه!

 

جوناٿن لنڊي جون ڳالهيون واضع ۽ سخت هيون. ان ڪري هن ڳالهائڻ کان اڳ چيو هو ته هو صاف ۽ واضع ڳالهيون ڪندو جيڏهن سندس ڳالهيون پريس ۾ نه اچن پر جڏهن سيمينار ۾ شامل ميڊيا وارن اها ڳالهه مڃي ته سندس چوڻ هو ته آئون بلڪل صاف ۽ سخت ڳالهيون ڪندس.

 

هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ايران جو ائٽمي بم ٺاهڻ به اوترو ئي خطرناڪ آهي جيترو پاڪستان آهي ڇاڪاڻ ته هو ته پهريان ئي ائٽمي طاقت آهي. ايران جي حڪومت وڏي ذميواري جا ڪم ڪري رهي آهي ۽ هو پنهنجي ائٽمي هٿيارن کي ڪڏهن به پاگلن وانگر استعمال ڪونه ڪندي جيئن شڪ ڪيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ائٽمي پروگرام جو استعمال ڪيو ويو ته پوءِ حالتون وس کان ٻاهر نڪري وينديون ۽ الاهي اختلاف پيدا ٿيندا. سندس مشورو آهي ته سيڪورٽي ڪائونسل جي پنج ممبرن (آمريڪا، روس، چين، فرانس ۽ برطانيا) کي گڏ ڪري هن مسئلي جو اُپاءُ ڳولڻ گهرجي.

 

هن اڳوڻي آرمي چيف اسلم بيگ جي هڪ ڪالم جو حوالو پيش ڪيو جنهن ۾ بيگ صاحب الزام هنيو آهي جو آمريڪا ۽ هندستان گڏجي ڪري پاڪستان مٿان حملو ڪرڻ چاهن ٿا. سندس چوڻ هو ته هي خيال نه رڳو اسلم بيگ صاحب جا آهن بلڪ عام پاڪستانين مان به الاهي پاڪستانين به ساڳيون ڳالهيون سوچي رهيا آهن جيڪو بُنيادي طور تي غلط آهي. سندس خيال آهي ته پاڪستان جي بربادي پاڪستان کي نه وري هندستان کي پسند هوندي. هندستان پهريان ئي پنهنجي مسئلن ۾ ڦاٿل اهي ۽ سورهن ڪروڙ آبادي واري پاڪستان جي ڀڃ ڊاهه هن لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندي. ان ڪري هندستان آخري ملڪ هوندو جيڪو هن وقت پاڪستان کي ٽوڙڻ ۾ شامل هوندو.

 

جوناٿن لنڊي جيڪو سيڪورٽي ۽ انفارميشن جو اسپيشلسٽ آهي هو طويل عرصي تائين ڪيئين دفعي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ رهي چُڪو آهي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ طالبان جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ۾ اضافو ڪرڻ ۾ آمريڪا به ڏوهاري آهي ۽ پاڪستان به. آمريڪا جو گناهه آهي جو هن بمباري ڪري قبائلي علائقي جي ٽيهه لک ماڻهن مان اٺ لک ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جو قصور آهي جو هو ٻٽي پاليسي هلي رهيو آهي. هڪ پاسي هو افغانستان ۾ طالبان جي امداد ڪري رهيو آهي ۽ ٻي پاسي هن کي اُميد آهي ته هو پنهنجي علائقي ۾ طالبان حمايتين کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. ائين ڪونه ٿيندو ۽ جيڪڏهن اهڙي قوتن جي پٺڀرائي ڪئي وڃي ته هو وڏي پيماني تي ڪاروايون ڪنديون آهن. ان ڪري هاڻي پاڪستان ۽ افغانستان سميت هندستان به طلبان جي دهشتگردي جي نشاني تي آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي به ڪاوڙيل آهي ڇاڪاڻ ته هندستان پنهنجي سيڪورٽي فورسز جي مدد سان بلوچستان جي بارڊر سان ايران تائين روڊ ٺاهيو آهي ته جيئن هو ايران جي ذريعي افغانستان سان ڪاروبار ڪري سگهي. پر هي ان ڪري ٿيو آهي جو پاڪستان هندستاني مال کي پنهنجي علائقي مان افغانستان پهچائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته پاڪستان اها ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته هن جو پنهنجو ڪاروبار به وڌي ها جيئن نيٽو فوجن کي 80 سيڪڙو سپلاءِ ڪراچي بندرگاه جي ذريعي ٿيندي آهي ۽ پرائيويٽ ٽرڪ انڊسٽري پئسا ڪمائي رهي آهي.

 

ٽيون ترجمان روڊني جانز هو جيڪو 1947ع کان اڳ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته منهنجي دل ۾ پاڪستان لاءِ خاص عزت آهي ۽ آئون پاڻ کي پاڪستاني سمجهي پاڪستاني وانگر سوچندو آهيان. هن به ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي جو پاڪستان ۽ آمريڪا جو ٽڪراءُ اڻٽر آهي ۽ هن کي روڪڻ لاءِ جلدي اُپاءُ ڪرڻ گهرجن.

 

هن طالبان لهر باري نوان خيال ظاهر ڪندي بُنيادي ڳالهيون ٻڌايون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن طالباني هڪ طرح پشتونن جي تحريڪ آهي جنهن جو مقصد ڪابل ۾ پنهنجي طاقت قائم رکڻ آهي ته هن جي پاڪستان ۾ اُڀرڻ سان پراڻي قبائلي نظام جي ڀڃڪڙي به آهي. پاڪستان جي حڪومت هتي نوان نظام لاگو ڪونه ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ طالبان نظام وڌي رهيو آهي.

 

جانز جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ 42 سيڪڙو پشتون آهن پر ٻين اقليتي قومن کان وڌيڪ آهن. ان ڪري ڪابل افغانستان ۾ هنن جو ئي راج هلندو آهي. جڏهن ٻيون اقليتون اُڀرڻ شروع ڪيو ته پشتون ۽ طالبان جي روپ ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com