چار سده ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي باني اسفند يار ولي جي رهائشگاهه تي آپگهاتي حملو ٿيو جنهن ۾ سندس محافظن سميت چار ماڻهون مارجي ويا آهن. ذريعن موجب چار سده ۾ اسفند يار ولي جي رهائشگاهه تي ماڻهون وڏي انگ ۾ اي اين پي جي باني اسفند يار ولي سان عيد ملڻ آيا هئا جنهن دوران هڪ ماڻهون سندس گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو الله اڪبر جو نعرو هڻي اندر ڀڄندو ويو.
اسفند يار ولي جي محافظن ۽ پوليس اهلڪارن مٿس فائرنگ ڪري کيس ڌڪي ٿي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ هو هيٺ ڪريو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اسفند يار ولي جي گارڊ سميت ٽي ٻيا ماڻهون به مارجي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي وقت اسفند يار ولي ويهه فُٽ جي مفاصلي تي هو پر هو بچي ويو.
اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته چار سده جو بم ڌماڪي سبب سندس حوصلو ڪونه ٽٽندو ۽ هو دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهندو رهندو. سندس چوڻ آهي ته هي سندس ويڙهه آهي ۽ اي اين پي جو آخري ماڻهون به اها ويهه وڙهندو رهندو.
صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مشير داخله رحمان ملڪ هن آپگهاتي حملي تي تنقيد ڪندي هن کي ملڪ جي خلاف سازش چيو آهي.