پاڪستان چيو آهي ته پاڙيسيري ملڪ افغانستان ۾ اتحادي فوجن جي ناڪامي تي هن کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهيو پيو وڃي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيوجرسي جي پريسٽن يونيورسٽي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي حدن ۾ القاعده ۽ طالبان جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسين افغانستان ۾ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ اها ڳالهه ايمانداري سان تسليم ڪرڻ گهرجي ته افغانستان جا الاهي مسئلا هتان پيدا ٿي رهيا آهن ۽ هنن جو حل به هتان ئي ڳولڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو آهي ته افغانستان ۾ ميڊيا جي سامهون پوائنٽس ٺاهڻ بدران اهڙي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿئي.
سندس چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خلاف هلندڙ ويڙهه ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي فوجن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته سندس ملڪ کي اونداهه ۾ ڏسندڙ آلات، انٽيلي جنس ڄاڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان کي روڪڻ لاءِ جلدي ڪاروائي ڪندڙ صلاحيتن جي گهرج آهي. سندس چوڻ آهي ته ائين سرحد پار افغانستان جي فوجن کي به اهڙي صلاحيتن جي گهرج آهي.