کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪستان ۽ ايران وڏو خطرو

پاڪستان ۽ ايران وڏو خطرو

ويچار ڊيسڪ
October 3rd, 2008

آمريڪا ۾ نائب صدر لاءِ ٻنهيءَ سياسي پارٽين جي اُميدوارن غير مستحڪم پاڪستان ۽ ائٽمي ايران کي وڏو خطرو چيو آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اُميدوار جو بائڊن ۽ ريپبلڪن پارٽي جي سارا پيلن چونڊن کان اڳ ٽي وي تي مباحثي ۾ هڪ سوال جو جواب ڏنو هو.

 

ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اُميدوار جو بائڊن جو چوڻ هو ته طويل عرصي کان سندس ۽ صدارتي اُميدوار باراڪ اوبامه جي توجه پاڪستان تي آهي جنهن وٽ پهريان کان ئي ائٽمي هٿيار موجود آهن. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جا ائٽمي هٿيار اسرائيل ۽ بحيره روم تائين وار ڪري سگهن ٿا. بائڊن جو چوڻ آهي ته ايران کي ائٽمي هٿيار ملڻ وڏو خطرو آهي.

 

ڊيموڪريڪ پارٽي جي اُميدوار چيو آهي ته سندس ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اُميدوار جي سوچ ۾ اهو ئي اختلاف آهي. سندس چوڻ هو ته ريپبلڪن پارٽي جي اُميدوار جان مڪين جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه جي بُنياد ايران آهي. بائڊن جو چوڻ هو ته جيئن آمريڪي سيڪورٽي فورسز چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا تي حملو ٿيندو ته هو افغانستان ۽ پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ القاعده جي رٿابندي جي نتيجي ۾ ٿيندو. سندس چوڻ هو ته هن وقت جلدي پاڪستان ۾ مضبوط حڪومت جي ضرورت آهي.

 

بائڊن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هي صرف فوجي امداد جي صورت ۾ نه بلڪ چڱي حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ اقتصادي ميدان ۾ امداد جي صورتحال ۾ به هجڻ گهرجي.

 

سندس چوڻ هو ته پاڪستان، افغانستان سرحد تي ست هزار مدرسا آهن اسانکي هنن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ اسڪول ٺاهڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن صحيح معني ۾ دهشتگردي جو حل ڪڍي سگهجي.

 

ريپبلڪن پارٽي جي اُميدوار سارا پيلن به پاڪستان ۽ ايران کي وڏو خطرو چئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com