ڪئناڊا جي وزير اعظم اسٽيفن بار جو چوڻ آهي ته عراق تي آمريڪي حملو غلطي هئي. ڪئناڊا ۾ 14 آڪٽوبر جي چونڊن کان اڳ ٽي وي تي سياسي مباحثي ۾ سندس چوڻ هو ته عراق تي انساني تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جا الزام غلط ثابت ٿيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته ڪئناڊا عراق ۾ پنهنجون فوجون نه موڪلي رهيو آهي.
اسٽيفن بار جو چوڻ آهي ته اولهه جي ڪجهه اڳواڻن کي غلط فهمي آهي ته نيٽو جون فوجون سدائين افغانستان ۾ رهي سگهنديون آهن. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي استحڪام لاءِ افغان سيڪورٽي فورسز کي تربيت ڏيڻي پوندي ته جيئن هو پنهنجي ملڪ جي سيڪورٽي جي ذميواري سنڀالي سگهن. ڏکڻي شهر قندهار ۾ ڪئناڊا جا اڍائي هزار فوجي آهن ۽ سال 2000 کان اڃان تائين افغانستان ۾ ڪئناڊا جا 97 فوجي ۽ هڪ سفير مارجي ويو آهي.