کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > ست سئو ارب جو امدادي مالياتي بل منظور

ست سئو ارب جو امدادي مالياتي بل منظور

ويچار ڊيسڪ
October 4th, 2008

آمريڪي ايوان جمعي تي بئنڪن جو خراب نظام ۽ معاشي بحران کي سنڀالڻ لاءِ 700 ارب ڊالر جو امدادي مالياتي بل 92 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. بل جي حق ۾ 263 ووٽ مليا ۽ 171 ممبرن بل جي مخالفت ڪئي. بل جي حمايت حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهيءَ پاسن کان ٿي. صدر بُش جو چوڻ آهي ته هو جمعي جي ڏينهن ئي بل تي صحي ڪندو.

 

صدر بُش جو چوڻ آهي ته هن ڪم سان ملڪ جي معيشت کان خطرو ٽري ويندو. فيڊل ريزرو جي چيئرمين بين جو چوڻ آهي ته هن بل سان معاشي منڊين جي صورتحال بهترين ٿيندي ۽ گهرن ۽ ڪاروبار لاءِ قرض م لندو. اسپيڪر نينسي پلوسي جو چوڻ آهي ته هن رقم جو مڪمل حساب ڪتاب رکيو ويندو. ايوان جي گهٽ ۾ گهٽ 21 ممبرن جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي.

 

سينيٽ ۾ منظوري کان اڳ ئي اُميد هئي ته صرف سينيٽ ئي نه بلڪ ايوان نمائندگان به هن بل جي منظوري ڏيندو. ايوان نمائندگان پهريان هن بل کي رد ڪري ڇڏيو هو ته مالياتي ادارن کي اهڙي امداد ڏئي بچائڻ ٽيڪس ڏيندڙ عوام سان ظلم هوندو.

 

ايوان ۾ نامنظور ٿيڻ کانپوءِ هن بل ۾ تبديليون ڪيون ويون جن ۾ خاص طور تي مالياتي اداري جي باني ۽ اعلي آفيسرن جي پگهار گهٽ ڪرڻ سان گڏ سندن پينشن به گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن کان علاوه عام عوام جي بچت ۽ حڪومتي ضمانت جي حد کي هڪ لک ڊالر کان وڌائي اڍائي لک ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com