کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > بين الاقوامي ريڊ ڪراس ڪاميٽي پاڪستان کي دنيا جو نئون ”وار زون“ چئي ڇڏيو

بين الاقوامي ريڊ ڪراس ڪاميٽي پاڪستان کي دنيا جو نئون ”وار زون“ چئي ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
October 5th, 2008

بين الاقوامي ريڊ ڪراس ڪاميٽي پاڪستان کي دنيا جو نئون ”وار زون“ چئي ڇڏيو آهي. تفصيلن موجب ريڊ ڪراس جي ترجمان مارڪوسي اسلام آباد ۾ آمريڪي اخبار سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان هاڻي هڪ وار زون آهي. مارڪوسي پاڪستاني ڊاڪٽرن سان ڪم ڪرڻ لاءِ خاص طور تي سرجيڪل ٽيم سان پاڪستان پهتو آهي.

 

آمريڪي اخبار لکيو آهي ته سموري پاڪستان ۾ ويڙهه جو آغاز ٿي چُڪو آهي ۽ ويڙهه کان هن جي معني صرف دهشتگردين طرفان ڪيل بم ڌماڪا نه بلڪ وڏي پيماني تي چڪريون آهن جيڪي قبائلي علائقن ۾ جاري آهن. اخبار لکيو آهي ته هنن چڪرين ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهون مارجي رهيا آهن. اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته اڍائي لک ماڻهون پاڪستان جي قبائلي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري چُڪا آهن. هنن علائقن ۾ پاڪستاني سيڪورٽي فورسز عسڪريت پسندن جي وچ ۾ ويڙهه هلندڙ آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com