پاڪستان مسلم ليگ نواز جي صدر ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته اڄ پاڪستان وڏي مسئلن جو شڪار ٿيل آهي جنهن ۾ ادارن جي بحالي سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ان ڪري پارليامينٽ خودمختيار هجڻ گهرجي.
اها ڳالهه ميان محمد نواز شريف جده جي شريف پيلس ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سموري پارٽين جي صلاح سان پارليامينٽ ۾ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. عدليه جي بحالي تي حڪومت سان اختلاف آهي ڇاڪاڻ ته ججن جو ٻيهر حلف کڻڻ بحالي نه بلڪ نئين تقرري آهي. سندس چوڻ هو ته 2 نومبر واري عدليه ضرور بحال ٿيندي ۽ اسين هن باري ڪنهن قسم جي مصالحت نه ڪندا سين.
هن موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير خزانو اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن محمد صفدر به موجود هو. ميان محمد نواز شريف چيو ته 9 سال اڳ اسين جنهن موقف جي ڪارڻ ڏيهه نيڪالو ڏنو ويو اڄ به اسين هن موقف تي مضبوط آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهون کي انصاف ملي سگهي ۽ ائين صرف هڪ چونڊيل حڪومت ڪري سگهي ٿي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته چونڊن کانپوءِ جيڪڏهن ميثاق جمهوريت ۽ اعلان مري تي عمل ڪري عدليه کي بحال ڪيو وڃي ها ته گذريل حڪومت جي سموري غير آئيني فيصلن ۽ سترهين ترميم کي ختم ڪيو وڃي ها ته مونکي يقين آهي جو اسانجي سموري مسئلن جو خاتمو ٿي چُڪو هجي ها.
سندس چوڻ هو ته اسين ملڪ ۾ جمهوريت جي نئين روايت قائم ڪندا سين ۽ حزب اختلاف ۾ رهندي بُنيادي ڪردار ادا ڪندا سين. اسين موجوده حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي حق ۾ ناهيون نه وري هن لاءِ ڪنهن سازش جا شڪار ٿيندا سين ڇاڪاڻ ته هن سان پاڪستان جي مخالف قوتن جي پٺڀرائي ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميان محمد نواز شريف جو چوڻ هو ته اسين عدليه جي بحالي جي جدوجهد ۾ ڪالهه به هنن سان گڏ هئا سين ۽ اڄ به هنن سان گڏ آهيون. هن چيو ته پنجاب جي حڪومت کي ڪنهن قسم جو خطرو ناهي ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ۾ اسانجو تعداد مڪمل آهي ۽ اسانجي مئنڊيٽ جو سمان ائين ڪرڻ گهرجي جيئن مرڪز ۾ هنن جي مئنڊيٽ جو سمان ڪندا آهيون.