ڪانگريس طرفان آمريڪا ۽ هندستان جي وچ ۾ سويلين ائٽمي تعاون جي معاهدي جي توثيق کانپوءِ آمريڪا جي پرڏيهي وزير ڪونڊو ليزا رائيس ڇنڇر تي هندستان جي ياترا ڪرڻ لاءِ نئين دلي پهچي وئي جٿي هو هندستاني صدر سان ائٽمي تعاون جي معاهدي کان علاوه دهشتگردي جي مسئلي تي افغانستان ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي ڪردار تي ڳالهه ڪندي.
نئين دلي اچڻ کان اڳ جرمني ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪونڊا ليزا رائيس هندستان، پاڪستان، افغانستان ۽ قازقستان سميت وچ ايشياء جي رياستن جي وچ ۾ ويجهي اقتصادي تعلقن باري ويچار ونڊ ڪرڻ لاءِ زور ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته ائٽمي معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ هندستان جي وچ ۾ تعلقن جي سطح بدلجي چُڪي آهي ۽ ٻئي ملڪ عسڪري خريد تي پهريان ئي غور ڪري رهيا آهن.
آمريڪا جي پرڏيهي وزير پنهنجي ياترا دوران هندستاني وزير اعظم من موهن سنگهه کان علاوه حزب اختلاف جي اڳواڻ لال ڪرشن ايڊواني سان به ملاقات ڪندو جنهن جي پارٽي ڀارتي جنتا پارٽي آمريڪا هندستان ائٽمي معاهدي کي غير مساوي چوندي هن جي مخالفت ڪندي رهي آهي.
نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا، هندستان معاهدي هيٺ هندستان کي ائٽمي ٽيڪنالوجي ۽ ٻارڻ حاصل ٿي سگهندو جنهن جي عيوض هن کي پنهنجي سويلين ائٽمي تنصيبن کي معائنو ڪرڻ لاءِ کولڻو پوندو ته جيئن معائني ۾ عسڪري جوهري تنصيبات شامل ناهن. ڪجهه تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته ائٽمي طاقت جي مالڪ هندستان سان هن معاهدي جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ڪوشش متاثر ٿيندي.
پاڪستان هن معاهدي تي گهتي ڳڻتي جو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ آمريڪي ڪانگريس باري هن جي توثيق کانپوءِ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجو مطالبو ورجايو آهي ته پاڪستان کي به آمريڪا کان ائٽمي شعبي ۾ اهڙو تعاون ملڻ گهرجي جڏهن ته موجوده آمريڪي قيادت پهريان ئي اهو ارادو ڪري چُڪي آهي ته ائٽمي ڦهلاءِ جي حوالي سان پاڪستان جي ماضي جي رڪارڊ کي ڏسندي هو اڄ به تعاون جي قابل ناهي.