53 ورهين جي آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ تبديل ڪيو آهي. صدر ٿيڻ کانپوءِ سندس ويس سوبر نظر ايندو اهي. پاڪستان جو صدر ٿيڻ شايد دنيا جو سڀ کان ڏکيو ۽ خطرناڪ سياسي عهدو آهي.
گذريل هفتي جي وال اسٽريٽ جنرل کي هڪ انٽرويو ڏيندي مهل جيڪو مين هيٽن ۾ ڏاڍي سخت سيڪورٽي ۾ ٿيو. زرداري پنهنجي جملن کي اعتماد ۾ ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي ويڙهه بدران چيائين ته منهنجي ويڙهه، پاڪستاني جيٽ جهازن بدران چيائين ته منهنجا ايف سورهن ۽ انٽيلي جنس بيورو بدران چيائين ته منهنجي آءِ بي. اخبار جي ڪالم نگار مسٽر سيٽيفن موجب انٽرويو ۾ زرداري پنهنجي ذال بينظير ڀٽو جو بار بار ذڪر ڪيو ۽ هن خطري باري ٻڌايو جيڪو هن کي دهشتگردن کان آهي. انٽرويو ۾ زرداري وٽ دليلون ڪونه هيون ته دنيا کي منهنجي ملڪ جي مدد ڪرڻ گهرجي.
هن هندستان سان تجارت ڪرڻ جي حمايت ڪئي ۽ ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ اعتماد سازي جي فيصلن لاءِ واضع طور تي مذاڪرات لاءِ بار بار چيو. انٽرويو دوران صدر پاڪستان زرداري پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقن خاص طور تي انٽيلي جنس شيئرنگ جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏان ۽ ٻنهيءَ ملڪن جي درميان انٽيلي جنگ شيئرنگ کي بهترين بڻائڻ لاءِ زور ڏنو. ڪالم نگار موجب پاڪستان جي موجوده حالتون ڏسندي زرداري ملڪ لاءِ سڀ کان بهترين هستي آهي.