کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > افغان ويڙهه کٽڻ ناممڪن آهي: برطانوي ڪمانڊر

افغان ويڙهه کٽڻ ناممڪن آهي: برطانوي ڪمانڊر

ويچار ڊيسڪ
October 5th, 2008

افغانستان ۾ وڏي برطانوي ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته افغانستان جي ويڙهه کٽڻ ناممڪن آهي برطانيا کي طالبان سان گڏجي ڪري ڊيل ڪرڻ گهرجي، ڪمانڊر بريگيڊيئر مارڪ ڪار ليٽن اسمٿ برطانوي اخبار سنڊي ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته افغانستان ۾ برطانيا جي ويڙهه کٽڻ جيترو ڏکيو نظر ايندو آهي هن باري ماڻهن کي پنهنجون اُميدون گهٽ ڪرڻيون پونديون. سندس چوڻ آهي ته افغانستان ۾ عسڪريت پسندي جي سطح گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪاروايون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ڪم افغان فوج جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو ۽ طالبان سان مذاڪرات ڪري مسئلن جو سياسي حل ڳولي سگهجي ٿو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com