پاڪستان ۽ چين گڏجي ڪر يپاور ڪارپوريشن ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن جيڪو پاڪستان ۾ بجلي جي گهٽتائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ائٽمي پلانٽس هڻڻ ۽ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ وڏا ڊيمز ٺاهڻ لاءِ سيڙپڪارن کي هن پاسي ڏانهن آڻيندو. پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۽ چين پاڪستان ۾ نئين پاور منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان چين گڏيل پاور ڪارپوريشن ٺاهڻ جي صلاح تي اتفاق ڪيو آهي. هن ڪارپوريشن جو طريقو طئي ڪرڻ لاءِ گڏيل وزارتي سطح جو اجلاس چين ۾ جلدي طلب ڪيو ويندو. ذريعن موجب هن حوالي سان 24 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ چين جي انتظاميا جو اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪ چين گڏيل پاور ڪارپوريشن ٺاهڻ جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن موجب ڪارپوريشن پاڪستان ۾ پاور جي کاتي ۾ منصوبا شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ فنانسنگ، ٽيڪنالوجي ۽ فني ڪاري گري کي يقيني ٺاهڻ ۾ ڪم ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي چين جي ياترا ۽ چين جي اڳواڻ سان ملاقات ۾ هن ڪم لاءِ ڪارپوريشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويندو. آصف علي زرداري ياترا دوران ڊيم ٿرڪول پروجيڪٽ ۽ نئين ائٽمي پاور پلانٽس ٺاهڻ لاءِ چين جي حڪومت سان فنانسنگ جي باقاعده درخواست ڏيندا ۽ هن سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين ئي نه بلڪ دنيا جي ٻين اهم ملڪن کان به امداد وٺڻ جي درخواست ڪندو.