آمريڪي انتظاميه دعوي ڪئي آهي ته افغان صدر جو ڀاءُ ولي ڪرزئي نشي جي اسمگلنگ ۾ شامل آهي جڏهن ته ولي ڪرزئي جو چوڻ آهي ته هو نشي جي اسمگلنگ ۾ شامل ناهي. الزام دشمنن جا سياسي گُر آهن آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب 2004ع ۾ قنڌار جي لڳ سيڪورٽي فورسز هڪ ٽرڪ هيروئن جي وڏي مقدار ۾ گرفتار ڪيو هو پر مقامي افغان ڪمانڊر کي صدر حامد ڪرزئي جي ڀاءُ ولي ڪرزئي جو فون آيو جنهن کانپوءِ هو ٽرڪ ڇڏيو ويو. اها ڳالهه مقامي ڪمانڊر حبيب الله جان آمريڪي ماهرن کي ٻڌائي هئي.
اخبار جي دعوي آهي ته گذريل سال ڪيترا ئي واقعا ٿيا آهن. ولي ڪرزئي قنڌار جي صوبائي ڪائونسل جو صدر آهي ۽ هيروئن جي اسمگلرن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. جنهن جي ڪارڻ آمريڪا ۽ اتحادي فوجن جون منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪيل ڪوششون متاثر ٿي رهيون آهن.
2003ع کان 2005ع تائين افغانستان ۾ جنرل ڊيوڊ بارنو جو چوڻ آهي ته هي وڏو سنجيده مسئلو آهي ۽ آمريڪا جي منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪوششن کي ڇيوهه رسيو آهي جڏهن ته گذريل هفتي بُش انتظاميه جي عهديدارن هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته جڏهن به حامد ڪرزئي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندا آهن ته ولي ڪرزئي کي عهدي کان هٽائڻ لاءِ چوندا آهن ته هو الزام رد ڪرڻ کانپوءِ ثبوت گهرندو آهي.
جڏهن ته ولي ڪرزئي ۽ حامد ڪرزئي ٻنهيءَ آمريڪي انتظاميه جي دعوي کي رد ڪندي چيو ته ولي ڪرزئي هيروئن جو ڊيلر ناهي. رپورٽ موجب ولي ڪرزئي جي اشارن تي ڇڏيل هيروئن جي سپلاء ٿيندڙ گاڏي هٿ ڪونه اچي سگهي آهي جڏهن ته طالبان نشي جي اسمگلنگ جي ذريعي رقم ۽ اسلحو خريد ڪندا آهن.