آمريڪي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو آهي ته سعودي عرب ۾ افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ امن مذاڪرات ٿي رهيا آهن جنهن ۾ افغانستان جو مسئلو مذاڪرات جي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ اتفاق ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب طالبان ۽ افغان حڪومت جي گڏيل مذاڪرات جي ميزبان سعودي عرب جو بادشاهه شاهه عبدالله هو. مذاڪرات سعودي عرب جي شهر مڪه ۾ 24 ۽ 27 سيپٽمبر تي ٿيا جنهن ۾ پراڻي طالبان ڪمانڊر گلبدين حڪمتيار جي ٽولي سميت طالبان جي يارهن ٽولن ۽ افغان حڪومتي ٽولي به شرڪت ڪئي. طالبان جي ٽولن ۾ ملا عمر شامل ڪونه هو.
مذاڪرات ۾ سموري ٽولن واضع طور تي خيالن جو اظهار ڪيو. طالبان اڳواڻ ٻڌايو ته القاعده سان هنن جو اتحاد گهڻي عرصي تائين ڪونه رهندو. ٻنهيءَ ڌرين هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي مسئلي جو حل جنگ بدران مذاڪرات سان ڳوليو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻوڪا مذاڪرات طويل عرصي لاءِ امن جي رستي ڏانهن پهريون قدم آهي ۽ ايستائين پهچڻ لاءِ ٻه سال گذري ويا آهن. سعودي عرب دنيا جي هنن ٽن ملڪن مان آهي جن 1990 ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو هو.