کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > زرداري پنهنجا لفظ بدلائي: فضل الرحمان

زرداري پنهنجا لفظ بدلائي: فضل الرحمان

ويچار ڊيسڪ
October 6th, 2008

پاڪستان پارليامينٽ جي ڪشمير ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته هو آصف علي زرداري کي آمريڪي جريدي کي ڏنل انٽرويو ۾ هندستاني قبضي ۾ ڪشمير ۾ مسلح جدوجهد ۾ رڌل ماڻهن کي دهشتگردي چوڻ جي بيان کي بدلائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

 

وال اسٽريٽ جنرل جي ڪالمسٽ بريٽ اسٽيفن کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته هندستان جي انتظام ۾ ڪشمير ۾ مسلح ماڻهون ”دهشتگرد“ آهن. سندس اهو به چوڻ هو ته ”هندستان پاڪستان لاءِ ڪڏهن به خطرو نه رهيو آهي.“

 

هن حوالي سان بي بي سي اردو سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسين هن کي ضرور چوندا سين ته هو پنهنجا لفظ بدلائي. بلڪل صحيح آهي ته هو اسانجي ملڪ جو صدر آهي پر بيان ڏيڻ ۽ لفظن جي چونڊ جي مامري ۾ شايد هن کي ايترو تجربو ناهي.

 

فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيئن دنيا ۾ عسڪريت پسند تحريڪن کي دهشتگرد چيو ويندو آهي ٿي سگهي ٿو ته صدر زرداري به ائين چئي رهيو هجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام ڪشميرين ۽ ڪشميري مجاهدن جي عزت ڪندو آهي ۽ سدائين پاڪستان هندستان جي ظلمن کي رياستي دهشتگردي جو نالو ڏنو آهي ۽ هنن جي قربانين کي جدوجهد آزادي جو نالو ڏنو آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ روزانو جيڪي واقعا پيش اچي رهيا آهن هو هنن جي عوام جو مامرو آهي. هن سوال تي هو هڪ اهڙي وقت جڏهن هندستان جي قبضي ۾ ڪشمير ۾ ماڻهون پاڪستان جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍي رهيا آهن ۽ نعريبازي به ڪري رهيا آهن هن کي ڪشميرين جو داخلي مامرو ڇو چئي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشمير جو عوام پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو پر هنن جي تحريڪ جي قيادت روزانو جي مامرن تي پاڪستان کان ڊڪٽيشن ڪونه وٺندي آهي پر ائين به ناهي جو پاڪستان ڪشمير جي عوام جي خيالن سان تعلق نٿو رکي.

 

سندس چوڻ آهي ته صدر جو اهو چوڻ هندستان پاڪستان لاءِ ڪڏهن به خطرو نه رهيو آهي هاڻوڪي ۽ مستقبل جي حالتن جو جائزو وٺندي هڪ خيالي بيان آهي. فضل الرحمان موجب پاڪستاني فوج جي هڪ هڪ سپاهي لاءِ دشمن کان مراد هندستان آهي پر هاڻي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهن ٿا ۽ صدر زرداري جو بيان به انهيءَ جذبي هيٺ ڏنو ويو آهي.

 

سندس چوڻ هو ته صدر زرداري طرفان هندستان لاءِ نرم لفظ استعمال ڪرڻ هن ڳالهه جا اشارا آهن ته پاڪستان هندستان سان دوستي ۽ سُٺا تعلق رکڻ ڇاهي ٿو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com