کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > وڪيلن اٽارني جنرل کي ملتان بار مان ڀڄائي ڇڏيو

وڪيلن اٽارني جنرل کي ملتان بار مان ڀڄائي ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
October 6th, 2008

اٽارني جنرل آف پاڪستان سردار لطيف کوسي جي هاء ڪورٽ بار ملتان پهچڻ کانپوءِ بار جي اڳواڻن طرفان اعتراض ڪرڻ تي وڪيلن جي ٻه ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن سبب اٽارني جنرل کي هتان نڪرڻو پيو. اٽارني جنرل اڌ ڪلاڪ ملتان بار روم ۾ رهڻ کانپوءِ لاهور هليو ويو.

 

اٽارني جنرل آف پاڪستان سردار لطيف کوسي جي ملتان هاء ڪورٽ بار ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايسوسيئشن تي پابندي لاگو ٿئي آهي پر هو اڄ هاء ڪورٽ بار پهچي ويو هٿان پهريان کان ئي موجود ڪجهه وڪيلن کيس ڀليڪار چيو.

 

هن دوران بار جي سيڪيٽري رانا نويد ۽ ڪجهه وڪيلن سردار لطيف کوسي جي بار روم ۾ اچڻ تي اعتراض ڪيو ۽ کيس هتان نڪرڻ لاءِ چيو. پراڻي وڪيل ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي صاحبزاده فاروق علي خان، ملڪ حيدر عثمان، ميان عباس ۽ ٻين وڪيلن کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

بار جي اڳواڻن سندس خلاف نعريبازي ڪئي جنهن کانپوءِ وڪيل برادري ۾ جهيڙو ۽ مارڪُٽ ٿئي. هن دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان سردار لطيف کوسه بار روم ۾ رهيو ۽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ لاهور نڪري ويو.

 

اٽارني جنرل سردار لطيف کوسي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته منهنجي بار آهي، آئون اها بار ٺاهي آهي، خيالن ۾ اختلاف هر ڪنهن جو حق آهي ۽ اسين هن جي قدر ڪندا آهيون . ٻئي پاسي بار جي سيڪيٽري رانا نويد چيو آهي ته جنرل باڊي لطيف کوسي جي بار ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com