پنجاب جي شهر بکر ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر رشيد اڪبر خان نواڻي جي رهائش گاهه تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 53 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ڪيترا ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي جنهن سبب مرندڙ ماڻهن جو انگ وڌي سگهي ٿو.
گهرو وزارت 20 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ڪئي آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙ جي جسم جا ڪجهه ٽڪرا هٿ آيا آهن. ڌماڪي ۾ رشيد اڪبر به زخمي ٿيو آهي پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.
ڌماڪو تڏهن ٿيو جڏهن قومي اسيمبلي جو ميمبر رشيد اڪبر نواڻي ۽ سندس ڀاءُ پنهنجي رهائشگاهه ۾ ماڻهن سان عيد ملي رهيا هئا. هن دوران هڪ ماڻهون رشيد اڪبر جي ويجهو پهچڻ جو جتن ڪيو پر الاهي ماڻهون موجود هجڻ سبب هو ماڻهون رشيد صاحب جي ويجهو نه پهچي سگهيو. ڌماڪي جي وقت رهائشگاهه تي هڪ سئو کان وڌيڪ ڄڻا موجود هئا.
ڌماڪي کانپوءِ پوليس علائقي جو گهيرائو ڪري ورتو آهي. لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو آهي جٿي پهريان ئي ايمرجنسي الرٽ ڪئي وئي هئي. ڌماڪي کانپوءِ شهر ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ ڪاروبار ۽ دُڪانون بند ٿيل آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ڌماڪي واري هنڌ کان هڪ آپگهاتي جيڪٽ سان گڏ افغاني ڪرنسي به هٿ آئي آهي. ڊي ايس پي بکر جو چوڻ آهي ته موقع واردات کان هڪ مُنڍي به هٿ آئي آهي. لاهور سميت سموري صوبي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. پنجاب جي وڏي وزير ميان نواز شريف جاچ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.