صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو آهي ته اسين گڏجي ڪري هڪ دشمن کي ختم ڪندا سين. آمريڪي اخبار لاس اينجلس ٽائمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن اها ڳالهه قبول ڪئي آهي ته آمريڪا جا ڊرون جهاز سندس حڪومت کان اجازت وٺي حملا ڪري رهيا آهن.
زرداري جو چوڻ آهي ته هر زندگي جو هڪ انت هوندو آهي ۽ هو پنهنجي موت کان پهريان بينظير ڀٽو جي قاتلن کي بچڻ جو موقعو ڪونه ڏيندو. سندس چوڻ هو ته جيئن سندس ٻارن جي ماءُ کي ماريو ويو آهي، هي سندس ذاتي مامرو آهي. صدر جو چوڻ آهي ته مرڻ کان اڳ کيس اهو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آصف علي زرداري چيو آهي ته هندستان پاڪستان لاءِ ڪڏهن به خطرو نه رهيو آهي. آصف علي زرداري اها ڳالهه آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي ڪالمسٽ بريٽ اسٽيفنس کي هڪ انٽرويو ۾ چئي آهي. ليکڪ آصف علي زرداري جي هن بيان کي ”تاريخ ساز“ چيو آهي. پاڪستاني صدر اهو به چيو آهي ته مقبوضه ڪشمير ۾ وڙهندڙ ماڻهون ”دهشتگرد“ آهن.
آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جون سيمنٽ فيڪٽريون هندستان جي ذريعن کي وڌائڻ ۾ تعاون ڪري سگهن ٿيون. پاڪستاني ٽيڪسٽائل ملز جي ڪپڙي جي هندستان ۾ ڏاڍي ڊمانڊ آهي ۽ پاڪستاني بندرگاهه جي ذريعي ڀارت سان تعلق وڌائي سگهجن ٿا. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان کي پنهنجي علائقن ۾ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيلي ڪاپٽرن ۽ ٻئي جنگي سامان جي گهرج آهي.
صدر زرداري اسامه بن لادن سميت سموري دهشتگيدن کي ملڪ جو دشمن چيو آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ 100 ارب ڊالر جو فنڊ ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان هن باري ڪجهه نه ڪري سگهيو ته پوءِ شايد ڪڏهن به ائين نه ٿي سگهندو. سندس چوڻ هو ته هڪ دهشتگرد کي 10 هزار پگهار ڏيندا آهن جڏهن ته هنن علائقن ۾ سيڪورٽي اهلڪارن کي 6 کان 7 هزار پگهار ملندي آهي.
زرداري چيو آهي ته عالمي برادري 100 ارب ڊالر جي درخواست کي امداد نه سمجهي بلڪ هي ملڪ جي ڪمزور ٿيندڙ معاشي حالت سڌارڻ لاءِ وقتي انتظام هوندو. زرداري چيو ته پاڪستان ڀارت سان آزاد ڪاروبار جو معاهدو چاهي ٿو. سندس جمهوري حڪومت ٻاهرين ملڪن ۾ ڀارتي اثر کان خوفزده ناهي نه وري هن کي ڀارتي، آمريڪا ائٽمي معاهدي تي اعتراض آهي.