کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > طالبان سان مذاڪرات ٿي سگهن ٿا: گيٽس

طالبان سان مذاڪرات ٿي سگهن ٿا: گيٽس

ويچار ڊيسڪ
October 7th, 2008

آمريڪي وزير دفاع رابرٽ گيٽس جو چوڻ آهي ته هو افغانستان ۾ موجود برطانوي فوجي ڪمانڊر جي هن بيان جي حمايت ڪري ٿو ته افغانستان جي مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ طالبان سان مذاڪرات ڪرڻا پوندا. پر سندس چوڻ هو ته برطانوي ڪمانڊر جو چوڻ صحيح ناهي ته افغانستان جي ويڙهه کٽڻ ناممڪن آهي.

 

افغان صوبي هلمند ۾ برطانوي فوج جي ڪمانڊر بريگيڊيئر مارڪ ڪارلٽن سمٿ تازو ئي هڪ برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته برطانيا کي افغانستان ۾ ڪاميابي جي اُميد نه رکڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جڏهن بين الاقوامي فوج افغانستان کان ورندي هن وقت به ملڪ ۾ فساد ٿيندو رهندو.

 

برطانوي ڪمانڊر جي بيان کانپوءِ افغانستان ۾ اتحادي فوجن جي ڪمانڊر برگيڊيئر رچرڊ بلانشٽ به چيو آهي ته افغانستان جو ڪو عسڪري حل ناهي جڏهن ته افغانستان ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي ڪائي عيدي جو چوڻ آهي ته ”اسين سڀئي ڄاڻيون ٿا ته هتي عسڪري لحاظ سان ڪاميابي نه ٿي ماڻي سگهجي ۽ هتي ڪامياب ٿيڻ لاءِ سياسي ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا.“

 

هنن بيانن تي نيٽو ۾ شامل ملڪن جي وزير دفاع سان گڏجاڻي لاءِ بوڊا پسٽ ويندي رابرٽ گيٽس سفر ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ڀلي برطانوي ڪمانڊر طرفان عسڪري فتح کي ناممڪن چوڻ صحيح ناهي پر هن مسئلي جي پائيدار حل لاءِ اهڙي طالبان سان به مذاڪرات ڪرڻا پئجي سگهن ٿا جيڪي افغان حڪومت سان گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن.

 

رابرٽ گيٽس جو چوڻ هو ته اسانکي افغانستان ۾ بيحد مشڪل ٿي رهي آهي پر شڪست يا وري مستقبل ۾ ڪاميابي جي موقعن ۾ گهٽتائي باري سوچڻ نه گهرجي“.

 

طالبان سان رابطو هجڻ باري سندس چوڻ آهي ته عراق ۽ افغانستان جي صورتحال ۾ گهڻو فرق ناهي. هن مسئلي جي حل جو هڪ حصو افغان سيڪورٽي فورسز کي طاقتور ٺاهڻ آهي جڏهن ته ٻيو حصو هنن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪرڻ آهي جيڪي افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي آهن. رابرٽ گيٽس وڌيڪ چيو هو ته هو نيٽو ملڪن تي زور ڏيندو ته هو افغانستان ۾ وڌيڪ فوجي موڪلن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com