17 آڪٽوبر 2001ع تي نيٽو ملڪن جڏهن افغانستان تي حملو ڪيو تڏهن به ماهرن جو چوڻ هو ته آمريڪا تاريخ جي مونجهاري ۾ ڦاسي پيو آهي. طالبان جي وڌندڙ قوت آمريڪا جي يورپي اتحادين کي سوچڻ باري مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته افغانستان ۾ طاقت ئي جهيڙو ختم ڪرڻ جو واحد حل ناهي. برطانيه طالبان سان مذاڪرات جي ذريعي مسئلو حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ طالبان جي هڪ وڏي اڳواڻ ٻڌايو آهي ته هن نيٽو، آمريڪا برطانيه فرانس ۽ ٻين ملڪن جي وڏي سياسي ۽ فوجي انتظاميه سان ٽن شرطن تي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مشورو ڏنو آهي.
پهرين مرحلي ۾ طالبان اڳواڻن کان پابنديون ختم ڪيون وينديون ته جيئن مذاڪرات کي بين الاقوامي حيثيت حاصل ٿئي. ٻئي مرحلي ۾ مقدماتي مامرن باري ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي جن ماڻهن کي افغانستان ۽ گوانتاناموبي جي قيد خانن ۾ رکيو ويو آهي هن جو آخري حل ڪڍڻو پوندو. ٽيون ۽ آخري مرحلو افغانستان ۾ نظام حڪومت باري مذاڪرات ڪنهن مثبت نتيجي تائين پهچڻ گهرجن. معلوم ٿيو آهي ته مولوي وڪيل احمد متوڪل ۽ ملان ضعيف هن مهل سعودي عرب ۾ موجود آهن. ڪجهه طالبان اڳواڻن ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ ايران، پاڪستان، چين ۽ روس جا آمريڪا مخالف مفاد آهن.
هر ڪو پنهنجي پنهنجي انداز سان طالبان جي حمايت ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪا کي خوار ڪري سگهجي. هنن ملڪن جي ڪوشش آهي ته طالبان جي مزاحمت جاري رهي. طالبان جي گهڻي مزاحمت جو اندازو افغان امور جي ماهر ۽ گذريل 29 سالن کان افغانستان ۾ موجود روسي سفارت ڪار جي هن تجزيي کان هڻي سگهجي ٿو ته آمريڪا ننڍا وڏا جهيڙا کٽي سگهي ٿو پر جنگ نه. 20 صدر جي تاريخدان نائن بي جو چوڻ هو ته افغانستان تاريخ جو هڪ مونجهارو آهي جٿي ڪو به طاقت گهڻو عرصو نٿي رهي سگهي. ڇا آمريڪا تاريخ جي هن مونجهاري مان ٻاهر نڪري سگهندو.