آمريڪا پاڪستان جي قبائلي علائقن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ پاڪ افغان سرحد تي جاسوسي جهازن جو نئون ٻيڙو موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي فوج جي ويب سائيٽ موجب قبائلي علائقن ۾ آمريڪي جاسوس جهازن طرفان حملا ٿي سگهن ٿا. 2 ارب 20 ڪروڙ ڊالر کان سي 13 هيون قسم جا 51 جهاز ورتا ويندا. پينٽاگون موجب جيڪڏهن هنگامي طور تي ضرورت پوندي ته عراق ۾ جاسوسي جهاز پڻ موڪلي سگهجن ٿا.