تحريڪ طالبان عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفند يار ولي تي آپگهاتي حملو ۽ امير حيدر هوتي جي رهائشگاهه تي راڪٽ حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. خانگي ٽي وي چئنل موجب تحريڪ طالبان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سندس تنظيم اسفند يار ولي تي آپگهاتي حملي جو سلسلو جاري رکندي. ترجمان ڌمڪي ڏني آهي ته اي اين پي اڳواڻ اسفند يار ولي جٿي به ويندو سندس ڪڍ ويندا سين. جڏهن ته گهرو وزارت سيڪورٽي سبب عوامي نيشنل پارٽي جي صدر اسفند يار ولي کي چار سده جو صفر نه ڪرڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي ايوان صدر موڪلڻ جو مشورو ڏنو آهي. انتهائي ذميوار ذريعن موجب گهرو وزارت اسفند يار ولي سميت ٻين اهم حڪومتي هستين جي سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن ۽ صدر ۽ وزير اعظم سميت ڪيترن ئي وڏي ماڻهن کي اهم ۽ مخصوص ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
نشرياتي ادارن گهرو وزارت جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سياستدانن ۽ وزيرن کي وڌيڪ حفاظتي ڪاروايون ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته هو عوامي جلسي ۾ گهٽ شرڪت ڪن ۽ وزير جي جهنڊي واري گاڏي جو گهٽ استعمال ڪندا.