وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي جنهن ۾ اٺ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ هن سان گڏ اي اي ٽي ايف جي بيرڪ جو هڪ حصو به ڊهي پيو آهي. حڪومتي طور تي اٺ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پوليس لائنز اسلام آباد ۾ سفيد رنگ جي ڪار ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ موجود هو جنهن اي ٽي ايف جي بيرڪ سان بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي جنهن کانپوءِ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ عمارت جو هڪ حصو ڊهي پيو ۽ ڏيڍ ڊزن جي لڳ ڀڳ گاڏين کي به نقصان ٿيو. عيني گواهن ٻڌايو آهي ته ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ويجهي گهرن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ سمورو علائقو لُڏي رهيو هو.
ڌماڪي کانپوءِ اچانڪ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي الرٽ ڪئي وئي ۽ پوليس لائنز ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن. جنهن علائقي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي هتي پوليس اڪيڊمي ۽ نيشنل ٽريننگ سينٽر به آهي. صدر زرداري ۽ وزير اعظم گيلاني ڌماڪي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي.