کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > اُتر وزيرستان ۾ جاسوسي جهاز جو حملو، 9 مارجي ويا

اُتر وزيرستان ۾ جاسوسي جهاز جو حملو، 9 مارجي ويا

ويچار ڊيسڪ
October 10th, 2008

اُتر وزيرستان ۾ هڪ جاسوس جهاز ميزائل سان حملو ڪيو آهي جنهن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا آهن جن مان وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

 

خبرون ڏيندڙ هڪ ٻاهرين ملڪ جي ايجنسي ٻڌايو آهي ته مارجي ويل ماڻهن ۾ 6 غير ملڪي به شامل آهن. ذريعن موجب هن ميزائل حملي ۾ مولوي سحر گل جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو آهي. ذريعن موجب تپي جي علائقي ۾ ميزائل حملو ڪيو ويو آهي جڏهن ته نورڪ، تپي، سپلگه ۾ به ڌماڪن جون آوازون ٻڌڻ ۾ آيون آهن. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته تپي ۾ سلطان نالي جي ماڻهون جو گهر ميزائل حملي سبب ڊهي پيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com