کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > اورڪزئي ايجنسي: جرگي تي آپگهاتي حملو 16 مارجي ويا

اورڪزئي ايجنسي: جرگي تي آپگهاتي حملو 16 مارجي ويا

ويچار ڊيسڪ
October 10th, 2008

اورڪزئي ايجنسي ۾ هڪ جرگي تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي جنهن ۾ سورهن ماڻهون مارجي ويا آهن جڏهن ته پنجاهه زخمي ٿيا آهن. ٻڌايو ويو آهي ته هي جرگو هڪ کليل هنڌ تي ٿي رهيو هو ۽ هن جرگي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهون شامل هئا. هي جرگو طالبان جي خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ لشڪر ٺاهڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو.

 

جرگي تي آپگهاتي حملو اڄ چار بجي ٿيو. حملي کانپوءِ اورڪزئي ۾ ڪيترن ئي هنڌن کان فائرنگ جون آوازون ٻُڌڻ ۾ آيون آهن. گاڏيون نه هجڻ سبب زخمين کي اسپتال پهچائڻ ۾ بيحد ڏکيائي ٿي رهي آهي جڏهن ته مقامي اسپتال جي ٻاهر پنجاهه زخمي امداد ملڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن. اسپتال اورڪزئي ايجنسي کان پري آهي ۽ علائقي ۾ هڪ ئي ڊاڪٽر آهي. جنهن سبب وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جو خدشو آهي.

 

علائقي ۾ امداد نه ملڻ سبب زخمين کي پشاور يا ڪوهاٽ جي اسپتال ۾ کڻي وڃڻو پوندو. علائقي ۾ هنگامي صورتحال آهي ۽ مسيتن جي اسپيڪرن کي امدادي اعلان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com