کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > لوڌران جي لڳ بس حادثو، 21 مارجي ويا

لوڌران جي لڳ بس حادثو، 21 مارجي ويا

ويچار ڊيسڪ
October 10th, 2008

لوڌران جي ويجهو لوڌران کان دنيا پور ويندڙ هڪ مسافر بس ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊي سي او لوڌران موجب اڃان تائين 21 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته پنجاهه کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. بهاولپور ۾ ايڌي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ماڻهن جو انگ 35 ٿي ويو آهي.

 

بس لوڌران کان دنياپور وڃي رهي هئي ۽ جڏهن ٻئي گاڏي ئي اوور ٽيڪ ڪندي سامهون ايندڙ ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي وقت بس ۾ سئو کان وڌيڪ مسافر موجود هئا. مارجي ويل ماڻهن ۾ وڏو انگ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن جو آهي. هن حادثي ۾ چار عورتون ۽ هڪ ٻار پڻ مارجي ويو آهي.

 

امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ مڙهه ۽ زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن اُماڻيو پيو وڃي. اسپتالن ۾ مڙهه جي سڃاڻ لاءِ هنن جا ويجها مٽ مائٽ اچي رهيا آهن. مارجي ويل ماڻهن مان الاهي ماڻهون دنيا پور جا رهواسي آهن. حادثي کانپوءِ ٽرالر جو ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ماڻهون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

 

وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي واقع جي جاچ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com