کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > اسانکي به بريفنگ ڏيڻ جو موقعو ڏيندا: طالبان

اسانکي به بريفنگ ڏيڻ جو موقعو ڏيندا: طالبان

ويچار ڊيسڪ
October 10th, 2008

طالبان قومي سلامتي جي باري پارليامينٽ جي بند ڪمري ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ فوجي اڳواڻن طرفان بريفنگ ڏيڻ کي هڪ طرفو قرار ڏيندي چيو آهي ته هنن کي به پنهنجي ڳالهه ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ممبرن کي بريفنگ ڏيڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

 

طالبان جي ترجمان مسلم خان خبرون ڏيندڙ ايجنسي بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته ”دهشتگردي جي خلاف جنگ“ ۾ هڪ ڌر هجڻ جي  ناطي طالبان کي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هنن جي چوڻ موجب پارليامينٽ جي ماڻهن خاص طور تي اعلي فوجي انتظاميه طرفان ڏنل بريفنگ باري جيڪي ڳالهيون ميڊيا جي ذريعي پڌريون ٿيون آهن هنن مان الاهي ڳالهين کي طالبان رد ڪندا آهن يا وري هنن باري ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

 

سندس چوڻ هو ته فوج طالبان تي الزام مڙهي ڪري پارليامينٽ جي ميمبرن کي هو فلمون ته ڏيکاري ڇڏيون آهن جن ۾ ماڻهن جون منڍيون وڍيون وينديون آهن پر اُهي فلمون ڪونه ڏيکاريون آهن جن ۾ جيٽ جهازن کان باجوڙ ايجنسي ۾ هڪ مدرسي تي ٿيندڙ گولاباري ۾ ڪيترن ئي معصوم طالب علمن کي ماريو ويو.

 

سندس چوڻ هو ته بريفنگ ۾ اهو به ڪونه ٻڌايو ويو ته فوجي ڪارواين ۾ ڪيترا عام ڄڻا مارجي ويا ۽ لکين ماڻهون دربدر ٿيا.

 

سندس چوڻ هو ته ٽيلي فون تي پارليامينٽ جي ميمبرن کي بريفنگ ڏئي سگهن ٿا. جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ”اسيمبلي ميمبرن ۾ هنن جي خيال جي سمت جا ماڻهون موجود آهن جيڪي طالبان جي خيالن باري ٻڌائي سگهن ٿا.“ پر طالبان هنن ميمبرن جا نالا ڪونه ٻڌايا.

 

بي بي سي آن لائن جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com