کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > اورڪزئي آپگهاتي حملو: 55 مارجي ويا

اورڪزئي آپگهاتي حملو: 55 مارجي ويا

ويچار ڊيسڪ
October 11th, 2008

ڪالهه اورڪزئي ايجنسي ۾ جرگي تي ٿيندڙ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 55 ٿي چُڪو آهي ۽ اڃان تائين ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي.

 

مارجي ويل ماڻهن مان 54 ماڻهن جي سڃاڻ ٿي وئي آهي جڏهن ته 13 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي علائقي ڊيري سان آهي. اڃان تائين هڪ مڙهه جي سڃاڻ ڪونه ٿي سگهي آهي. مارجي ويل ماڻهن کي ڪيترن ئي علائقن ۾ دفايو پيو وڃي.

 

عيني گواهن موجب 40 ڄڻا موقعي تي حادي اسپتال ۾ مُئا جڏهن ته 15 ڄڻا ڪوهاٽ ۽ هنگو اسپتال ۾ مُئا. جرگي جي ميمبر انار گُل ٻڌايو آهي ته جرگي ۾ طالبان جي خلاف جنگ لاءِ لشڪر ٺاهڻ جو فيصلو ٿي رهيو هو جڏهن هڪ آپگهاتي حملو ڪندڙ اچي ڪري حملو ڪيو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com