آمريڪا جي سينيئر فوجي آفيسر موجب افغانستان جي صورتحال گذريل سان کان به وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. چيئرمين آف جوائنٽ چيف آف اسٽاف ايڊمرل مائڪل ملن موجب شئيون صحيح پاسي ڏانهن ڪونه وڃي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا نيٽو ۽ ٻين ملڪن جي درميان اڃان تائين اهڙي صورتحال نظر نه ٿي اچي جنهن سان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي.
افغانستان جي مسئلن جو ذڪر ڪندي مسٽر ملن جو چوڻ هو ته هتي پوست جي پوک سڀ کان وڏو مسئلو آهي جنهن سان دهشتگردن جون مالي ضرورتون پوريون ٿينديون آهن ۽ کين اسلحو خريد ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ نيٽو فوجن جي خلاف ڪاروايون ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. ڪجهه اندازن موجب افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ هيروئن سان طالبان ساليانو ڏهه ڪروڙ ڊالر ڪمائيندا آهن.
هن کان علاوه افغانستان جي ڪمزور وفاقي حڪومت جي ڪارڻ ملڪ ۾ امن جي مسئلن کي ڪنٽرول ڪرڻ بيحد ڏکيو آهي جنهن جي ڪارڻ ترقياتي ڪم نه ٿا ٿي سگهن. مسٽر ملن ٻيهر آمريڪي حڪومت جي پراڻي شڪايت ورجائي آهي ته سرحد پار پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ملنديون آهن جٿي ويهي ڪري هو حملن جون تياريون ڪندا آهن ۽ هنن جا حملا ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن.
آمريڪي فوجي ڪمانڊر جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت منظر عام تي آيو جڏهن بش انتظاميه پنهنجي افغان پاليسي جو جائزو وٺي رهي آهي. هن سلسلي ۾ پهريان ئي ايندڙ سال جي شروعات ۾ وڌيڪ اٺ هزار فوجي آمريڪا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر افغانستان ۾ آمريڪي فوجن جا ڪمانڊر جنرل ڊيوڊ ميڪ ڪيئرنن موجب هي انگ وڌيڪ ناهي ۽ هن کان علاوه پنڌرهن هزار فوجين جي ضرورت آهي.
آمريڪا سندس حمايتي ملڪن مٿان دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو وڌيڪ فوجين کي افغانستان موڪلن پر اڃان تائين گهربل نتيجا حاصل ڪونه ٿي سگهيا آهن. ايڊمرل ملن موجب ضروري آهي ته افغانستان ۾ موجوده 42 ملڪ گڏجي ڪري گڏيل پاليسي تي عمل ڪرڻ ته افغانستان جي مسئلن کي ڪيئن حل ڪرڻ گهرجي.