کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > طالبان مخالف پاليسي جون ڏکيايون

طالبان مخالف پاليسي جون ڏکيايون

ويچار ڊيسڪ
October 12th, 2008

اورڪزئي ايجنسي ۾ حڪومت جي حمايتي قبائلي جرگي تي ٿيندڙ آپگهاتي حملي ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ طالبان جي خلاف مقامي لشڪرجي چار پنچن کي قتل ڪرڻ پيپلز پارٽي جي صدارت ۾ قائم ٿيل مخلوط حڪومت ۽ پاڪستاني فوج طرفان شدت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل حڪمت عملي لاءِ خطري جي هڪ گهنٽي آهي.

 

پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستاني فوج جي صدر جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي حمايت سان قبائلي علائقي ۽ سرحد صوبي ۾ وڌندڙ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ واحد نسخو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور حڪومت ۾ اُتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آزمايو. نتيجو هي نڪتو ته 300 کان وڌيڪ قبائلي مشران کي ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ جو نشانو بڻايو ويو ۽ جيڪي مشران زنده بچي ويا هنن جو رجحان به طالبان ڏانهن رهيو. طالبان ڏکڻ وزيرستان کان پکڙجي قبائلي ايجنسين ۽ سرحد صوبي جي انتظاميه جي علائقي ۾ مضبوط ٿي ويا.

 

هن حڪمت عملي جي ڪاميابي جي اُميد نئين چونڊيل حڪومت کي تڏهن ئي جڏهن سرحد صوبي جي ضلع بونير ۾ مقامي ماڻهن هتان عسڪريت پسندن جي خلاف اسلحو کنيو ۽ کين هتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن کانپوءِ ساڳيو تجزيو ضلع دير ۾ به ڪامياب ٿيو. پوءِ حڪومت پشاور جي ويجهي علائقن چار سده جي علائقي شبقدر ۾ به ساڳئي حڪمت عملي استعمال ڪئي.

 

ڏٺو وڃي ته انتظاميه جي علائقن ۾ ساڳئي حڪمت عملي هڪ حد تائين ڪامياب رهي آهي پر قبائلي علائقن ۾ جٿي طالبان جي نيٽورڪ تي وڌيڪ اثر ٿيو آهي هن حڪمت عملي سان مثبت نتيجو حاصل ڪرڻ ۾ قبيلن ۽ حڪومت کي به بيحد ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي سگهي آهي.

 

هلندڙ سال مارچ ۾ حڪومت ۽ قبائلي مشران کي دره آدم خيل ۾ جرگي ۾ ٿينددڙ آپگهاتي حملي جي شڪل ۾ ڏاڍو نقصان رسيو آهي. باجوڙ ۾ به فوج کي سالارئي، ماموند ۽ ٻين قومن ي مدد حاصل آهي. پر لشڪر ٺاهڻ لاءِ ماڻهن جا بغير مُنڍي وارا مڙهه هنن قبيلن جا عزم ٽوڙي سگهن ٿا.

 

طالبان جي خلاف قبائلي لشڪر ٺاهڻ جي حڪمت عملي کي ان ڪري وڌيڪ خطره آهن ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي قبيلن طرفان علائقي مان طالبان جو خاتمو ڪرڻ وارو ڪم ”سرد جنگ“ ۾ بدلجي سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي مقامي ماڻهن وٽ اهو اسلحو، تربيت، جذبي ۽ ڪميونيڪيشن جو نظام موجود ناهي ته هو طالبان جي منظم طاقت جو رستو روڪي سگهي.

 

هڪ قبائلي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن آمريڪا ۽ ٻين عالمي قوتن جي حمايت سان پاڪستان جي جيٽ جهازن، گن شپ هيلي ڪاپٽرن، توپ خانن، پيشه ور فوج ۽ ڪمانڊوز سان طالبان جو خاتمو نه ٿي سگهيو، اسين قبائلي پنهنجي پراڻي بندوقن سان سندن مقابلو ڪيئن ڪري سگهندا سين.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com