کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > دنيا جو معاشي نظام تباهي جي ڪناري تي آهي: آءِ ايم ايف

دنيا جو معاشي نظام تباهي جي ڪناري تي آهي: آءِ ايم ايف

ويچار ڊيسڪ
October 12th, 2008

انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته قرضن جو ڪاروبار ڪندڙ بئنڪن دنيا جي معاشي نظام کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا جون امير قومون اڃان تائين ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

 

آمريڪا اپيل ڪئي آهي ته دنيا ڪجهه صبر ڪري ڇاڪاڻ ته عالمي اڳواڻ معاشي مارڪيٽن کي سڌارڻ لاءِ ڀڄ ڊوڙي ڪري رهيا آهن. پر آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ الاهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جي صدر ڊومنڪ سٽرس جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ يورپ جي وڏي بئنڪن جي برباد ٿيڻ سان دنيا جو معاشي نظام برباد ٿيڻ جي ڪناري تائين پهچي ويو آهي.

 

آمريڪا جي صدر بُش ست ملڪن جي اجلاس (جي سيون) جي صدر، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته دنيا جي وڏي قومن کي هڪ صورتحال جي خبر آهي ۽ اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. بُش چيو آهي ته ”مونکي يقين آهي ته دنيا جون وڏيون معيشتون هن بحران کان آجپو حاصل ڪنديون. هن ٻڌايو آهي ته آمريڪا ست سئو بلين ڊالر جي بيل آئوٽ پلان کي جلد از جلد لاگو ڪرڻ جو جتن ڪري رهيو آهي.

 

صدر بُش جو چوڻ هو ته ”رات ئي رات ۾ نتيجا ڪونه نڪرندا آهن. هنن ڪوششن جو اثر ٿيڻ لاءِ وقت درڪار هوندو آهي. هنن ڪوششن سان اسانجي مارڪيٽن ۽ مالياتي ادارن جو اعتماد بحال ٿي ويندو.“ آمريڪي خزاني جي سيڪيٽري هنري پالسن جو چوڻ آهي ته دنيا جي معاشي نظام کي هاڻوڪو خطرو پهريان کان نظر ڪونه آيو هو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com