پوليس طرفان هڪ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مذهبي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن، مسيتن يا جهادي تنظيمن جي ماڻهن جي آنگوٺن جا نشان، تصويرون ۽ سندن معلومات گڏ ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان ۽ نيشنل ڪرائسس مئنيجمنٽ سيل جي ڊائيريڪٽر بريگيڊيئر (رٽائرڊ) جاويد اقبال چيمه ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته صوبائي حڪومتون هنن ماڻهن جي باري معلومات گڏ ڪري رهيون آهن جن جو ڪنهن به زماني ۾ ڪنهن به جهادي تنظيم سان تعلق رهيو هجي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه حڪومتي تحريڪ جو حصو آهي. مذهبي تنظيمون ڀلي هنن تي پابندي هجي يا نه، جي ماڻهن کي ضلعي پوليس آفيس گهرائي رهي آهي ۽ سندن تصويرن سان گڏ آڱرين جا نشان به حاصل ڪري رهي آهي.
گذريل حڪومت هڪ پوائنٽ هڪ بلين رپي سان هڪ منصوبي جو آغاز ڪيو هو جنهن ۾ ماڻهن جي آڱرين جا نشان ۽ ٻئي معلومات گڏ ڪئي وئي هئي. هاڻي پوليس ساڳئي معلومات کي استعمال ڪندي ڪم کي اڳتي وڌائي رهي آهي. مذهبي اسڪولن جي رجسٽريشن به ساڳئي آپريشن جو حصو آهي. گهرو وزارت پاڪستان ۾ 13500 مدرسن مان 12400 مدرسن کي رجسٽر ڪيو آهي.