کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > موقعو مليو ته اصلي بريفنگ آئون ڏيندس: فضل الرحمان

موقعو مليو ته اصلي بريفنگ آئون ڏيندس: فضل الرحمان

ويچار ڊيسڪ
October 12th, 2008

جمعيت علماء اسلام جي صدر فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي بند ڪمري ۾ بريفنگ ۾ حالتن جو ٻيو پاسو اُهي ڏيکاريندا ۽ اصلي بريفنگ جيئن جي تيئن ٿيندي رهندي.

 

فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي ڀئو کان جيڪي پاليسيون حڪومت ٺاهيون آهن هو سڀ غلط ثابت ٿيون آهن. جيڪڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ته سندس تقرير ئي اصلي بريفنگ هوندي.

 

فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته مسلح جنگ ملڪ جي نه بلڪ آمريڪا جي مفاد ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي صرف پاڪستان ۽ افغانستان جو مسئلو ناهي بلڪ سموري علائقي کي هن باري سوچڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته کيس باجوڙ اپريشن باري شڪ آهن. بند ڪمري جي بريفنگ ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. حڪومت کي ٻاهرين دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

 

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته معاهده بار بار ڪونه ٿيندا آهن بلڪ هڪ ئي دفعو ڏيندا آهن. اسين مشڪل وقت ڏانهن وکون وڌائي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته لال مسيت جي مولوي عبدالعزيز جي رهائي لاءِ سندس جماعت ڪوششون ڪري رهي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com