آمريڪي صدر جارج ڊبليو بُش سال 2009ع لاءِ 612 بلين ڊالر جي دفاعي بجيٽ جي بل تي صحي ڪئي آهي جڏهن ته آمريڪا جي بجيٽ جو خسارو 455 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي.
2009ع جي دفاعي بجيٽ ۾ عراق ۽ افغانستان ۾ فوجي آپريشن لاءِ 70 بلين جي ويجهو رقم مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ فوجين جي پگهان ۾ به 3.9 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ اها رقم فوجين جي ڀلائي جي منصوبن لاءِ خرچ ڪئي ويندي.
دفاعي بجيٽ ۾ بُش جي اوڀر يورپ ۾ ميزائل تباهه ڪندڙ نظام کي شروع ڪرڻ لاءِ به وڏي رقم ڏني ويندي. بُش جي دفاعي بل تي صحي ڪرڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ کيس پينٽاگون ۾ معلومات ڏني وئي. پينٽاگون جي ترجمان ڊانا پرينو ٻڌايو آهي ته بُش ۽ سندس فوجي ٽيم جي وچ ۾ اها عام گڏجاڻي هئي جنهن ۾ افغانستان ۽ عراق جي جنگ باري ويچار ونڊ ڪيو ويو.
ٻئي پاسي سيپٽمبر ۾ ختم ٿيندڙ 2008.2007 جي مالياتي سال ۾ آمريڪي بجيٽ جو خسارو ٽي سيڪڙو وڌيو آهي. بجيٽ جو خسارو 455 بلين ڊالر يا ڪُل قومي پيداوار جي 2.3 سيڪڙي تائين پهچي ويو آهي. آمريڪي خزاني جي وزير پالسن جو چوڻ آهي ته مالياتي منڊين ۾ بحران سبب هلندڙ سال واڌ جي در گهٽجي ويندي.