ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي معاشي مسئلن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 1.4 ارب ڊالر جي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ورلڊ بئنڪ جي امداد جي 600 ملين ڊالر سرمائيداري جي کاتي ۾ جڏهن ته 800 ملين ڊالر ملڪ جي ٻئي اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
گذريل مهيني عالمي بئنڪ جي صدر پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سان گڏجاڻي جي دوران هن امداد جي آڇ ڪئي هئي. مشير خزانه شوڪت ترين جي قيادت ۾ پاڪستاني اهلڪارن جي ٽيم هن وقت واشنگٽن ۾ عالمي بئنڪ جي اهلڪارن سان گڏجاڻيون ڪري رهي آهي.
پاڪستان جي اهلڪارن جي ٽيم ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر، سيڪيٽري فنانس ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ اڪنامڪس افيئرز ڊويزن جو سيڪيٽري فرخ قيوم شامل آهن. ورلڊ بئنڪ جو مئنيجنگ ڊائيريڪٽر نروڪي اوڪونجو اويليا پاڪستاني وفد سان ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي صدر طرفان امداد جي آڇ باري ٻيهر ٻڌايو.
مشير خزانه شوڪت ترين جي ورلڊ بئنڪ جي اهلڪارن پاڪستان کي پيش مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن رياست ٿيڻ سبب معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن کان اڳ ورلڊ بئنڪ جي صدر رابرٽ زوليڪ واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي صدر سٽراس سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مالياتي بازار وڏي هير ڦير جو شڪار آهن ۽ ترقي پذير ملڪ خوراڪ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ سبب پهريان کان ئي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ورلڊ بئنڪ جي صدر چيو آهي ته جيڪڏهن مالياتي ادارن طرفان قرض نه ڏنا ويا يا هن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ته هي بحران بدترين صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ موجب موجوده مالياتي بحران کي اسين پاڻ جنم ڏنو آهي ۽ هن بحران مان نڪرڻ لاءِ رستو به ماڻهن کي ئي ڳولڻو پوندو.
ٻئي پاسي يورپي ملڪن ۾ مالياتي بحران وڌي رهيو آهي جڏهن ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ مالياتي ادارن کي وڪرو ڪرڻ جو عمل جاري آهي. سومر تي برطانيا جي چار وڏي بئنڪن ۾ 37 ارب پائونڊ جا اثاثا خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانيا جي بئنڪن ۾ اثاثا خريد ڪرڻ جو فيصلو آچر تي يورپي ملڪن جي پيرس ۾ ٿيندڙ صدر ڪانفرنس کانپوءِ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مالياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ يورپ جي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. عالمي اڳواڻن جي مالياتي بحران کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جو ايشيائي شيئر بازار ۾ گڏيل ردعم عمل رهيو آهي.
آسٽريليا، هانگ ڪانگ ڏکڻ ڪوريا ۽ سن گاپور جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ صبح جي ڪاروبار ۾ شيئرز ٽاپ تي رهيا پر تائيوان ۽ شينگهائي جي اهم مارڪيٽن ۾ لاٿ رهي. ٽوڪيو جي مارڪيٽ موڪل هجڻ سبب بند هئي.
يورپي يونين جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪنهن به وڏي بئنڪ کي ناڪام ڪونه ٿيڻ ڏيندا سين.