متحده علماء ڪائونسل پنهنجي هڪ گڏيل اعلان ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملن کي حرام ۽ ناجائز قرار ڏنو آهي. هي گڏيل بيان متحده علماء ڪائونسل جي صدر مولانا ڊاڪٽر سرفراز نعيمي لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پڙهي ٻڌايو. هن کان اڳ متحده علماء ڪائونسل جو هڪ اجلاس لاهور جي جامعه نعيميه ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اهلسنت، اهلحديث ۽ شيعا سميت اٽڪل سموري مسلڪن جي مولوين شرڪت ڪئي.
متحده علماء ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪالعدم لشڪر طيبه جو باني ۽ جماعت الدعوه جي امير حافظ محمد سعيد به شرڪت ڪئي. حافظ سعيد هن کان اڳ ئي پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن کي فتنو قرار ڏنو هو.
ڪائونسل جي صدر مفتي سرفراز نعيمي جو چوڻ هو ته علماء جو گڏيل فتوي آهي ته پاڪستان ۾ آپگهاتي حملا ناجائز ۽ حرام آهن پر محسوس ٿي رهيو آهي ته آپگهاتي حملن جي پسمنظر ۾ حڪومت جو هٿ آهي ته جيئن محب وطن گڏ ڪونه ٿي سگهن ۽ حڪومت جي خلاف تحريڪ نه هلائي سگهن.
21 نڪات واري اعلان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني علائقن ۾ گولا باري ۽ ڇتي فائرنگ ۽ فوجي ڪارواين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ مولوين جي هڪ نمائنده وفد کي باجوڙ ۽ سوات جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن حقيقت جي خبر پئجي سگهي.
ڊاڪٽر سرفراز نعيمي جو چوڻ هو ته اڳوڻو صدر مشرف ۽ موجوده حڪومت جي آمريڪا سان ٿيندڙ معاهدن جي پاڪستان جي عوام کي ڄاڻ هجڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نمائنده جمعي تي قبائلي علائقن ۾ ٿيندڙ ڪاروائي جي خلاف يوم احتجاج ملهايو ويندو.
متحده علماء ڪائونسل چيو ته پارليامينٽ صرف بريفنگ نه وٺي بلڪ ملڪي مفاد ۾ پاليسي تيار ڪري. ڊاڪٽر سرفراز نعيمي جو چوڻ هو ته هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري هن ۾ بريفنگ ڏني وڃي. ساڳئي اي پي سي ۾ هنن پارٽين کي شرڪت ڪرڻ جو سڏ ڏنو وڃي جيڪي پارليامينٽ جو حصو ناهن.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ڪالعدم سپاه صحابه جو بنيادي اڳواڻ مجيب الرحمان القلابي، شيعا عالم دين سيد نياز نقوي، نصرت شاهاڻي، تنظيم جو عاڪف سعيد، اهلحديث جو علامه زبير احمد زهير، جماعت اسلامي جو مولانا عبدالمالڪ، فريد پراچا ۽ جمعيت علماء اسلام جو محب النبي ۽ جي يو آءِ جو خليل الرحمان حقاني شامل آهي.