کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > حڪومت قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري روڪڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو،اسٽيل ملز کي به وڪرو نه ڪيو ويندو:وفاقي سرڪار

حڪومت قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري روڪڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو،اسٽيل ملز کي به وڪرو نه ڪيو ويندو:وفاقي سرڪار

وچار ڈیسک
November 15th, 2008

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت باضابطا طور تي قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت اسٽيل ملز جي نجڪاري نه ڪندي، ڪالهه نجڪاري جي وفاقي وزير سيد نويد قمر باضابطا طور تي قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري واري عمل کي روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه هن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري جو عمل روڪيو آهي ۽ هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم سيد يوسف رضا  گيلاني سينيٽ جي اجلاس ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري روڪڻ بابت حڪومتي پاليسي واضح ڪئي هئي، جنهن اعلان جي روح موجب عمل ڪيو ويندو پر ان هوندي به قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري واري عمل تي حڪومت مٿان تنقيد، احتجاج ۽ تحريڪ جاري رکڻ جو ڪو جواز ناهي، هن واضح ڪندي چيو آهي ته جيستائين پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو، حڪومت تيستائين قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري نه ڪندي، اسين پارليامينٽ کي صورتحال کان آگاهه ڪنداسين ۽ ان ڏس ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشورا پڻ ڪيا ويندا، جيستائين اتفاق راءِ پيدا نه ٿي ٿئي، حڪومت تيستائين نجڪاري نه ڪندي، ان ڪري حڪومت في الحال قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري جو عمل روڪيو آهي، هن اسٽيل ملز بابت چيو ته اسٽيل ملز کي نه خانگائڻ واري گذريل جمع تي ڪيل فيصلي تي حڪومت قائم آهي ۽ اسٽيل ملز کي خانگائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪريان ٿو ۽ نه ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ذريعي اسٽيل ملز جي شيئرز لاءِ ڪا به آڇ طلب ڪئي وئي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com