کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > خوشي هجي يا غم، غريبن کي ڪير ٿو پڇي.

خوشي هجي يا غم، غريبن کي ڪير ٿو پڇي.

وچار ڊيسڪ
December 1st, 2008

ممبئي ۾ ٿيڻ وارن بم ڌماڪن ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سڄي دنيا جو ڌيان تاج هوٽل، اوبرائي هوٽل ۽ نريمان هائوس ڏانهن ئي رهيو. جتي يا ته ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ترسيل هئا ۽ پوءِ چڱا کائڻ پيئڻ وارا ماڻهو. هن سڄي حادثي ۾ سڀني کان پهرين جھيڙي واري جاءِ ڇاتراپتي شوا جي ريلوي اسٽيشن هئي جنهن تي ڪنهن جو به ڌيان ڪونه ويو، جٿي وچئين طبقي جا ماڻهو يا پوءِ بلڪل غريب ماڻهو ماريا ويا.

رپورٽن موجب هن ۾ رڳو نواڊا ضلعي جا 9 ماڻهو ماريا ويا ۽ مٿي ڪجهه ماڻهن جي ڪا خيرخبر به ڪونهي، انهن مان گھڻا ته تمام غريب آهن ۽ مٿان سرڪار وري ڪا پڇا به ناهي ڪئي. هوم سيڪريٽري افضل امان الله ڏسيو آهي ته ممبئي ۾ مرڻ وارن غريب ماڻهن جي باري ۾ سرڪار طرفان ڪابه خبر ناهي ورتي وئي.
وڳوڙن کان اڳ ريلوي اسٽيشن تي وڃڻ وارن ۾ ڦلواري شريف جي ٽن ماڻهن جي ڪابه خبر ناهي ملي. انهن ۾ ڳوٺ خليل پورجو محمد حسين ۽ ٻه ٻيا ماڻهو تاج الدين ۽ صديق غائب آهن. انهن جي ڪابه خبر ناهي ته اهي اڃا زنده به آهن يا نه.
نواڊا ضلعي جي ڳوٺ ڍاب جي وسنيڪ شاھ ولي الله جا 6 جيءُ ماريا ويا آهن. جنهن ۾ پُٽ الياس، نونهن شڪيلا، پوٽا سرفراز ۽ مرتضي ۽ ٻه ٻيا مائيٽ عباس ۽ عارف غائب آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com