کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > ممبئي واقعن جي باري ۾ هندوستاني مسلمانن جا ويچار

ممبئي واقعن جي باري ۾ هندوستاني مسلمانن جا ويچار

وچار ڊيسڪ
December 2nd, 2008

26 نومبر جو ممبئي ۾ ٿيڻ وارن واقعن ۾ 183 ماڻهو ماريا ويا ۽ اڄ تائين جي انگن اکرن موجب مرڻ وارن ۾ 40 مسلمان به شامل هئا.

هن واقعي ۾ جٿي ڪيئي ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي پيا، اتي ئي ڪجهه ماڻهو موت جي منهن منجهان نڪري به آيا آهن جنهن مان حسين رضوي به شامل آهي. حسين تاج هوٽل جي ٻئين ماڙ تي ڪم ڪندو آهي، جڏهن اهو حملو ٿيو ته هو لڪي ويو هو ۽ پوءِ 42 ڪلاڪن کان پوءِ هن کي بچايو ويو آهي.

هوٽل جي ٻاهر هن جو پيءُ مولانا ظهير عباس جيڪو آل انڊيا شيعه پرسنل لا جو پرسنل سيڪريٽري به آهي، ٻاهر بيٺي پٽ لاءِ دعائون گھري رهيو هو. هن جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي هن جو ڪو جواز نٿو ٿئي. سڄي هندوستان کي گڏجي هڪ ٿي دهشتگردن خلاف وڙهڻو پوندو. پنهنجو پاڻ کي مسلمان چورائڻ وارا دهشتگرد مسلمان ٿي ئي نٿا سگھن.

اهائي ڳالهه ممبئي جي ٻين مسلمانن به چئي آهي. فيشن ڊزائينر ناهيد مرچنٽ هڪ نمازي ۽ پرهيزي مسلمان آهي. هن چيو ته منهنجو سر شرم سان جھڪي ويندو آهي جڏهن اهي دهشتگرد پاڻ کي غزوه بدر سان ڳنڍيندا آهن، جيڪا اسلام کي بچائڻ لاءِ وڙهي وئي هئي. هن جو چوڻ آهي ته هو گجرات ۾ مسلمانن سان ٿيل ظلم جو بدلو وٺڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر ڪڏهن به ٻه غلط شيون ملي هڪ درست شيءَ کي جنم نٿيون ڏئي سگھن.

سنين جي آل انڊيا علماءَ ڪونسل جي جنرل سيڪرٽري مولانا محمود دريا آبادي چيو آهي ته مسلمان عالم به ميڊيا تي انهن واقعن کي خطبن وسيلي نندي رهيا آهن، انهن چيو ته اسان کي انهن جي مسلمان ٿيڻ تي به شڪ آهي ڇو جو جهاد جو مطلب دهشتگردي ڦيلائڻ ناهي هوندو.

هڪ مسلمان عورت پنهنجو نالو نه ٻڌائيندي ٻڌايو آهي ته اسلام ۾ اسين هڪ ٻئي کي سلام ڪري ملندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي تو تي سلامتي هجي. اهڙي طريقن جي دهشتگردي ڪمن جو اسلام سان ڪو به لاڳاپو نٿو ٿي سگھي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Powered by: PHPCow.com