گڏيل قومن جي اداري ٻڌايو آهي ته دنيا ۾ بکين جو تعداد هڪ ارب کان به وڌي ويو آهي. خوراڪ جي انهي بحران سان دنيا جو امن خطري ۾ پئجي سگھي ٿو.
روم ۾ گڏيل قومن جي اداري ايف اي او جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف اي او جي ڊائريڪٽر جنرل زاڪ ديوف چيو ته اقتصادي بحران جي خبرن خوراڪ جي هن بحران جي خبرن کي جنم ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ اڄ به 31 اهڙا ملڪ آهن جنهن ۾ خوراڪ جي گھٽتائي آهي ۽ انهن کي ورلڊ فوڊ پروگرام يا اهڙن ٻين ادارن جي مدد جي ضرورت آهي.
هن جو چوڻ هو ته بکين ماڻهن وٽ صرف ٽي واٽون هونديون آهن: هنگاما ڪرڻ، هجرت ڪرڻ يا مري وڃڻ. هن چيو ته کائڻ پيئڻ جي شين جو سوال دنيا جي امن سان جڙيل آهي. بکي دنيا تمام خطرناڪ دنيا هوندي آهي.
اي ايف او جي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته انهي بحران ۾ هر ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.