عالمي شهرت رکڻ واري دارالعلوم ديوبند جي شيخ الحديث ۽ عربي شعبي جي صدر مولانا محمد اسلام قاسمي چيو آهي ته طالبان طرفان پنهنجي پاڻ کي دارالعلوم ديوبند سان جوڙڻ ٺيڪ ناهي ڇو جو انهن جا نظريا دارالعوم سان ته ڇا اسلام سان به ناهن ملندا.
جمعي جو هڪ خاص انٽرويو ۾ هن چيو هو ته مسلڪي طور تي هو پنهنجي پاڻ کي ديوبند چوندا هجن پر ديوبندي مولوي انهن جي ڪمن کي پسند ناهن ڪندا. انهن جي لفظن ۾ ديوبندي تحريڪ سان جڙيل مولوي طالبان تحريڪ جي بلڪل خلاف آهن.
انهن طالبان طرفان جمهوريت کي غير اسلامي چوڻ تي تمام گھڻو اعتراض ڪيو آهي.
مولانا قاسمي زور ڏيندي چيو ته جمهوريت بلڪل اسلامي نظريو آهي ڇو جو مجلس شوري جو تصور اسلام ۾ سدائين هو ۽ فيصلا صلاح سان ئي ڪيا ويندا هئا. انهي ڪري جمهوريت يا عدالت کي غير اسلامي چوڻ وارا دين ۽ شريعت کان جانڪاري ناهن رکندا. ڇو جو هاڻ جي دور ۾ جمهوريت ئي سڀني کان چڱو حڪومت جو نظام آهي.
هندوستان جي هڪ ٻئي اهم اسلامي اداري امارات شريعه بهار اڙيسا ۽ جھارکنڊ جي ناظم مولانا انيس الرحمان قاسمي پٽنه ۾ وسيلن سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته طالبان جي نظرين جو اسلام سان ڪو لاڳاپو ڪونهي.