کلاسک

WebSite    

وچار > انڊيا جا روميو جوليئٽ

انڊيا جا روميو جوليئٽ

وچار ڊيسڪ
June 21st, 2009

ويجھڙائي ۾ اخبارن جي وچئين صفحن تي هڪ خبر آئي هئي. اها خبر هي هئي ته..........

امرين نالي جي هڪ مسلمان ڇوڪري ۽ لوڪيش نالي هڪ هندو ڇوڪري هن وقت آپ هتيا ڪئي جڏهن انهن جي برادري انهن جي شادي کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ جي پنچائت انهن کي حڪم ڏنو ته يا ته اهي پنهنجي شادي ختم ڪن نه ته مرڻ لاءِ تيار رهن. انهي حڪم کان پوءِ انهن ٻنهي زهر کائي ڇڏيو.

انهي معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ اسان رياست اتر پرديش جو رخ ڪيو. ڦڦوند ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ سڀني کان اڳ مون ڳوٺ جي چڱي مڙس اچن سنگھ سان ملاقات ڪئي. هن ٻڌايو ته هن واقعي جي باري ۾ هن ٻڌو ته آهي پر انهن جي پنچائت جو انهي واقعي سان ڪجهه ڏيڻ وٺڻ ڪونهي.

هن ٻڌايو ته اصل ۾ هي معاملو ٻنهي خاندانن جي وڏڙن وٽ رکيو ويو هو. ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي ٻڌايو ويو هو ته انهن جي شادي نٿي ٿي سگھي انهن کي هڪٻئي کي ڇڏڻو پوندو نه ته انهن کي ماريو ويندو.

انهن کي هڪٻئي سان محبت ٿي وئي هئي، پوءِ اهي ٻئي شادي ڪرڻ لاءِ ڳوٺان ڀڄي ويا هئا. انهن کي شهر ۾ ئي رهڻ گھرجي ها.

اچن سنگھ ڳوٺ جي حالتن جي باري ۾ ٻڌايو اسان جي ڳوٺ ۾ مسلمان مسلمان سان شادي ڪندو آهي ۽ هندو هندو سان. جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي اهو پريشاني جي ڳالهه آهي پر ڇا ٿا ڪري سگھون؟ انهن جي خاندان تي تمام گھڻو دٻاءُ هو هرڪو انهن جي بي عزتي ڪري رهيو هو.

امرين جي گھر پهچڻ تي هڪ ڳوٺ واري ٻڌايو. روز صبح لوڪيش هتي کير وٺڻ ايندو هو. ايئن هن جي ملاقات امرين سان ٿي ۽ ٻنهي جي محبت ٿي. پر امرين جو پي سليم هر هر اهو ئي چوندو رهيو ته انهن کي ناهي خبر ته اصل ۾ ٿيو ڇا؟

هن چيو ته اسان تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ڪونه هو. پر اچن سنگھ جي اهو پڇڻ تي ته ٻڌائي ته ڪيئن تو کي بي عزت ڪيو ويندو هو؟ سليم چيو ته اسان کي برادري ۾ بي عزت ڪيو ويو هو.

سليم اهو به چيو ته ٻئي خاندان ڪونه چاهيندا هئا ته اهي شادي ڪن پر ڪنهن به انهن کي ڌمڪي به ڪونه ڏني ڇوڪري جي هڪ ساهيڙي وچ ۾ ئي ڳالهائڻ لڳي. هو تمام سٺي ڇوڪري هئي تمام معصوم ۽ سدائين قران شريف پڙهندي هئي. الاهي هن جي دماغ کي ڇا ٿيو جو هن انهي ڇوڪري سان ڀڄي وئي.

علائقي جي پوليس اهلڪار شيد سچن چيو ته انهن ٻنهي جي قانوني طور تي شادي ٿي هئي، اهي گڏجي رهي پيا سگھن، انهن جي مائٽن ۽ ڳوٺ وارن کي ڪو حق ڪونه هو ته انهن تي ڪنهن به نموني جو دٻاءُ وجھن. اهي ماڻهو ايئن ڪرڻ تي ڏوهاري آهن ۽ اسان کي هاڻ انهن جي خلاف هڪ ڪيس تيار ڪرڻو پوندو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats