عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو آهي ته ڏکڻي وزيرستان ۾ هن وقت 3000 کان 5000 جي وچ ۾ اهڙا طالبان موجود آهن جيڪي پنجابي آهن ۽ هن معاملي کي پنجاب حڪومت جي اڳيان به رکيو ويو آهي.
سينيٽر خٽڪ جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ موجود پنجابي طالبان مان وڏي تعداد پنجاب صوبي جي ڏکڻي ضلعن مان آهي ۽ هن سلسلي ۾ سرحد حڪومت سرڪاري طورتي پنجاب جي حڪومت سان پريشاني جو اظهار به ڪيو آهي. انهن هي به چيو هو ته ماضي ۾ هي به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ فوج رياست جي وچ ۾ هڪ رياست آهي پر هاڻ اها ڳالهه هڪ حقيقت آهي ته هاڻ فوج ئي پاڪستان ۾ رياست آهي.
هن چيو ته طالبان هن سڪي جو ٻيو پاسو آهي جنهن کي ڌار ڪري نٿو ڏسي سگھجي، هن طالبان کي پاڪستاني فوج جي اسٽريٽجڪ ڊيٿ پاليسي جو نتيجو چوندي چيو هو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن کي هڪ اسٽريٽيجڪ هنڌ جي جاءِ تي استعمال ڪيو ويو آهي.
سيمينار سان خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته طالبنائيزيشن جو ڪو جلد يا ترت حل به ڪونهي ۽ نه ئي حڪومت وٽ ڪو جادو جي سوٽي آهي جنهن کي گھمائڻ سان اهو مسئلو غائب ٿي وڃي.
هن چيو ته هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جاڪيئي رخ آهن ۽ اسان کي هن ڳالهه کي نظر ۾ رکڻ گھرجي ته دنيا جون ڪيئي طاقتون اهڙيون آهن جنهن جا مستقبل جا فائدا هن خطي سان جڙيل آهن انه ڪري ضروري آهي ته هن کي رڳو پاڪستان جو داخلي مسئلو سمجھن جي جاءِ تي هن سان جڙيل خارجي ڪارڻن کي به نظر ۾ رکڻ گھرجي.
رضا رباني چيو ته پاڪستان جيڪو هڪ ويلفيئر اسٽيٽ هو هن کي هاڻ هڪ گيريزن اسٽيٽ ۾ بدلايو ويو آهي ۽ هاڻ اسان انارڪي ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
انهن سڀني طالبان جي ڪاروائين کي هڪ نظرياتي جنگ جو نالو ڏنو ۽ چيو ته هن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ٻيو ڀاري نظريو سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان عوام جون دليون کٽي سگھجن.
ڊاڪٽر هود ڀائي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اهو خيال غلط آهي ته صرف غربت، انصاف جي نه ملڻ يا تعليم جي نه هجڻ جهڙا ڪارڻ ئي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واڌاري جا بنيادي ڪارڻ آهن. هن چيو ته انهن ڪارڻن مان فائدا کڻي انهن ماڻهن جي ذهنن کي انتهاپسندي ڏانهن هڪ حد تائين روڪيو ته وڃي سگھجي ٿو پر هاڻ پاڪستان ۾ اها جنگ اصل ۾ مذهب جي جنگ ٿي وئي آهي، ۽ انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني رياست کي ماڻهن تي ايترو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. ڇو جو پاڪستان صرف هن ريت ئي مضبوط ٿي سگھي ٿو، جڏهن هن جو عوام يا هتان جا رهواسي رياست سان بيٺا هجن.