{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > اجرڪ جو مقصد ڌاڙيل ۽ ڪهاڙي جو مقصد ڦر ناهي:سسئي پليجو

اجرڪ جو مقصد ڌاڙيل ۽ ڪهاڙي جو مقصد ڦر ناهي:سسئي پليجو

وچار ڊيسڪ
June 27th, 2009

سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌي خانگي ٽي وي چينل سنڌي ٻولي جي لفظن جو اچار درست نموني وٺن ۽ پڙهن. اهڙي ڳالهه سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي. صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته اسان سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخالف ڌر فنڪشنل ليگ جي سيده ماروي راشدي چيو ته خانگي چينلن تي اهڙا ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا جنهن ۾ اهو تاثر اڀري ٿو ته همراهه جي ڪلهي تي اجرڪ آهي ۽ هو ڌاڙيل آهي، همراهه کي ڪهاڙي هٿ ۾ ائين کنيل هوندي آهي ڄڻ ته ڦر لاءِ ويندو هجي، جنهن تي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته اهڙو تاثر ڏيڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اجرڪ جو مقصد ڌاڙيل ناهي ۽ ڪهاڙي جو مقصد ڦر ناهي، اجرڪ سنڌ جي ثقافت ۽ ڪهاڙي ڪاٺيون وغيره ڪپڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. هن چيو ته چينلز تي ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي بهادري ڏيکارڻ ٻي ڳالهه آهي پر ان کي ڪرمنل جو تاثر ڏيڻ غلط آهي. بهرحال اهڙين شين جي سار سنڀار رياست جي ذميواري آهي ۽ اسين اها ذميواري قبول ڪريون ٿا. سنڌ جي سڌسماءَ جي وزير شازيه مري چيو ته هي جمهوري دور ۽ آزادي وارو دور آهي، ميڊيا ۾ جيڪو ڏيکاريو وڃي ٿو اسان ڪنهن کي پابند نٿا ڪري سگهون. هن ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ٻين سرگرمين جي حوالي سان اسان ميڊيا کان ئي رهنمائي وٺندا آهيون جڏهن ته صوبائي بين الصوبائي جي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته هو سنڌي ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته هو جيڪو ڏسن ٿا اهو پيش ڪن ٿا. هن چيو ته اتر سنڌ ۾ ماڻهو عورتن کي ڪاروڪاري ۾ قتل ڪن ٿا، چينلز ان کي ڊرامي جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا ته جيئن اهي پاڻ کي سڌارين. هوڏانهن سسئي پليجو ايم پي اي نديم ڀٽي جي هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي ڀلائي لاءِ 5 ڪروڙ جو فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ بورڊ جوڙيو ويندو، جيڪو بورڊ حقدار فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن کي وظيفا ڏيندو. هن ٻڌايو ته صوفين تي تحقيق لاءِ صوفي ريسرچ سيل قائم ڪريون پيا. پ پ ميمبر حاجي انور مهر چيو ته شاهه عنايت شاعري ناهي ڪئي، سندس مزار تي اڪريل شعر سندس مريد محمد صديق شاهه جا لکيل آهن. (ق) ليگ جي نزهت پٺاڻ پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ سسئي پليجو چيو ته حيدرآباد ۾ ڪلاسيڪل ميوزڪ جي سکيا واري اڪيڊمي دراصل ڪراچي لاءِ هئي پر اسان دلچسپي وٺي اها اڪيڊمي حيدرآباد منتقل ڪرائي هئي، انشاءَ الله هن ئي سال وڏي وزير کان سمري منظور ڪرائي اڪيڊمي هلائي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جنرل هوش محمد يادگار ڪاميٽي ٺاهيون پيا جڏهن ته قومي هيروز جا چوڪن، رستن، ڪامپليڪسز ۽ لائبريرين تي نالا رکيا ويندا. هن چيو ته گذريل دور ۾ ثقافت ۽ سياحت تي ڪو ڪم ناهي ٿيو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: