کلاسک

WebSite    

وچار > رشوت کي روڪڻ جو نئون طريقو: پينٽ ۾ کيسو ڪونه هوندو

رشوت کي روڪڻ جو نئون طريقو: پينٽ ۾ کيسو ڪونه هوندو

وچار ڊيسڪ
July 2nd, 2009

رشوت کي روڪڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ نيپال جي ايئر پورٽ تي فرض ڏيڻ واري عملي کي اهڙيون پينٽون ڏنيون وينديون جنهن ۾ کيسا ڪونه هوندا.

نيپال ۾ انسداد رشوت جي کاتي جو چوڻ آهي ته کاٽمنڊو جي هوائي اڏي تي رشوت وٺڻ جون شڪايتون تمام گھڻيون وڌي ويون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ هي فيصلو ڪرڻو پيو.

هڪ حڪام جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن کي کيسي جي بنا پينٽون ڏنيون وينديون ته انهي وسيلي رشوت کي روڪڻ ۾ ضرور مدد ملندي.

هي قدم وزيراعظم جي هن بيان کان پوءِ کنيو ويو آهي، هن جو چوڻ هو ته هوائي اڏي تي ڪرپشن تمام گھڻي ٿي رهي آهي.

پنهنجي اختيارن جي غلط استعمال ڪرڻ جي تحقيق ڪرڻ واري ڪميشن جو چوڻ آهي ته هن هوائي اڏي تي هڪ ٽيم موڪلي هئي، جنهن جو ڪم ئي عملي جي روئي کي ڏسڻو هو، اسان اهو ڏٺو ته اهي شڪايتون درست آهن.

اي ايف جي مطابق هن قدم کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته عملي کي اهڙيون پينٽون وردي ۾ پائڻ لاءِ ڏنيون وينديون جنهن ۾ ڪو کيسو ڪونه هوندو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats