کلاسک

WebSite    

وچار > هم جنس پرستي جائز : دهلي عدالت

هم جنس پرستي جائز : دهلي عدالت

وچار ڊيسڪ
July 2nd, 2009

هندوستاني گادي واري شهر دهلي ۾ عدالت اهو فيصلو ٻڌايو آهي ته ٻن بالغ هم جنسن ۾ پنهنجي مرضي سان جنسي لاڳاپو جرم ناهي. عدالت جي هن فيصلي 145 سالن جي پراڻي قانون کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هم جنس پرستي کي هڪ غير فطري ڪم چيو ويو هو.

انساني حقن جي هندوستاني سٿن جو چوڻ آهي ته هم جنس پرستي طرفان هندوستاني قانون انساني حقن جي خلاف آهي. اڳ ۾ هندوستان ۾ هم جنس پرستي جي سزا ڏھ سال هئي.

اٺاويھ جون جو هندوستان جي ڪيئي شهرن ۾ هم جنس پرستن ريليون ڪڍيون هيون. انهي دوران اهڙيون خبرون به ملي رهيون هيون ته حڪومت هم جنس پرستن جي خلاف قلم 377 کي ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. انهي قانون کي هٽائڻ جي گھر ڪرڻ لاءِ هم جنس پرستن ممبئي، ڪولڪته ۽ چينئي ۾ ريليون ڪڍيون هيون.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats