{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > يوگنڊا ۾ امير ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي قرباني ڏيڻ وارو ڪم وڌي ويو

يوگنڊا ۾ امير ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي قرباني ڏيڻ وارو ڪم وڌي ويو

ويچار ڊيسڪ
January 9th, 2010

يوگنڊا ۾ جلدي امير ٿيڻ لاءِ جادوگرن جي ذريعي ماڻهن جي قرباني ڏيڻ وارو ڪم وڌي رهيو آهي. ماڻهون معصوم ٻارن کي اغوا ڪري سندن رت ۽ عضوا مزارن تي کڻي ويندا آهن. هڪ ماڻهون تسليم ڪيو آهي ته هن لڳ ڀڳ 70 ماڻهن کي قتل ڪيو آهي جن ۾ سندس پُٽ به شامل آهي.

 

آفريقن ملڪن جي حڪومت جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي قربانين وارو ڪم وڌي رهيو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن جُرم کي روڪڻ لاءِ اُپاءِ وٺڻ گهرجن. هن جرم جو واسطو ترقياتي ڪمن ۽ خوشحالي سان آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن سوچي رهيا آهن ته جادوگر هنن کي جلدي امير بڻائي سگهن ٿا.

 

بي بي سي جي هڪ ٽيم ماڻهن جي قرباني ڏيڻ خلاف مهم جو آغاز ڪيو آهي جنهن جو بُنياد هڪ جادوگر جي آستاني کان ٻڌو ويو آهي. هن جادوگر جو چوڻ آهي ته آئون اِهو ڪم ڇڏڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ آهي ته ماڻهون پنهنجي دولت وڌائڻ لاءِ هن وٽ ايندا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ماڻهون معصوم ٻارن کي اغوا ڪري هنن جي دلين جي رت ڪڍي روحن کي پيش ڪرڻ لاءِ مون وٽ کڻي ايندا آهن.

 

هو جادوگر پنهنجي فيس جي طور تي ماڻهن کان يوگنڊا جا پنج لک شلنگ (160 برطانوي پائونڊ) وٺندو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي قتل نه ڪيو آهي. هن چيو آهي ته روحون دولت جي طلبگار ماڻهن سان ڳالهائينديون آهن.

 

يوگنڊا جي اسسٽنٽ پوليس ڪمشنر موس بنوگا جو چوڻ آهي ته گذريل سال هن رسم ۾ 26 ماڻهون قتل ٿيا جڏهن ته 2007ع ۾ 3 ماڻهون قتل ٿيا. سندس چوڻ آهي ته هن وقت اسان وٽ گم ٿيل 120 ٻارن ۽ ماڻهن جي لسٽ آهي جن باري اسانکي خدشو آهي ته هو ماڻهون هن رسم لاءِ قتل ٿي چُڪا آهن.

 

هندستان ۾ 29 قسم جون رسمون هيون جن تي انگريزن جي حڪومت ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.